21 اڱارو , آگسٽ 2018

مقامي خبرون

نيوز: ڊگهڙي: پورهيت پر اسرار بيماري ۾ وڪوڙجي ويو ،  هلڻ ڦرڻ کان لاچار، واهر جي اپيل

Dighri: Laborer suffered from disease, need help

*ڊگهڙي ويجهو پورهيت پر اسرار بيماري ۾ وڪوڙجي هلڻ ڦرڻ کان لاچار بڻجي بستري ڀيڙو ٿيل آهي. ڳوٺ ميراعجاز ٽالپر جو رهواسي پورهيت ڏيوشي ڪولهي پراسرار بيماري ۾ مبتلا هئڻ ڪري هلڻ ڦرڻ کان لاچار بڻجي ويو  آھي پورهيت ٻڌايو ته هو چار سال اڳ لفٽ مشين کي چالو ڪرڻ …

تفصيل »

نيوز: خيرپور: انتظاميھ جي نااهلي سبب گٽر اٿلي پيا، شهري عذاب واري زندگي گذارڻ تي مجبور

Khairpur: Dirt all over city, Citizen in extreme anger

* اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي ڀائيٽي ميونسپل ڪميٽي جي چيئرمين امجد شاهه خيرپور  جي رهواسين کي سوڪهڙي ۾ به  ٻوڏ جو  منظر ڏيکاري ڇڏيو. انتظاميا جي بي ڌياني سبب  شهر ۾ گٽر اٿلي پيا سڄي شهر ۾ بدبوءِ ڦهلجي وئي آهي. سول اسپتال، اوسته گاهي، ڏٻر، …

تفصيل »

نيوز: شڪارپور: ڏاهاڻي ۽ سڌايا برادرين ۾زمين جي معاملي تان جهيڙو ،  پيرسن قتل

Shikarpur: Fighting between two communities, old man killed

*شڪارپور ويجهو ڏاهاڻي ۽ سڌايا برادرين جي ٻن ڌرين ۾ زمين جي معاملي تان شروع ٿيل  تڪرار هڪ ڀيرو ٻيهر ڀڙڪي پيو آهي ڏاهاڻي برادري جي ماڻهن فائرنگ ڪري پيرسن کي قتل ڪري ڇڏيو . ڳوٺ اچر سڌايو ۾ ڏهاڻي ۽ سڌايا برادرين جي ٻن ڌرين  وچ ۾ هلندڙ پراڻو …

تفصيل »

نيوز: ڌاٻيجي: بيروزگاري کان تنگ ٿي  نهر ۾ ٽپو ڏيندڙ معذور نوجوان  جو لاش هٿ

Dhabeji: Due to unemployment young boy killed himself, suicide

*ڌاٻيجي ويجهو  معذور نوجوان بک ۽ بدحالي کان تنگ اچي 3ڏينهن اڳ  نھر جي مين ھول ۾  ٽپو ڏئي آپگهات ڪري ڇڏيو  هو سندس لاش اڄ صبح ڌاٻيجي واٽر بورڊ جي پمپ ڪئنال مان ڪڍيو ويو آهي . خانيو ڳوٺ جي رهواسي  نوجوان اعجاز خانيو جنھن جي ٽنگ 4 سال …

تفصيل »

نيوز: بدين:  پير عاليشا ڪوٽ جي رهواسي نوجوان گهرو اڻبڻت تان آپگهات ڪري ڇڏيو

Badin: Young man did suicide due to family matter

*بدين ۾  پير عاليشا ڪوٽ جو رهواسي ويهه ورهين جي نوجوان آپگهات ڪري ڇڏيو . نوجوان دليپ پٽ سومجي مينگهواڙ بدين ٽنڊوباگو باءِ پاس تي ريلوي ڦاٽڪ پل جي گاڊر  ۾ رسو ٻڌي آپگهات  ڪري ڇڏيو اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش بدين سول اسپتال منتقل ڪيو . …

تفصيل »

نيوز: ڀان سيدآباد: جوابدار پاران ٻارن کي قتل ڪرڻ جي ڪوشش

Bhan Saeedabad: Suspect tried to kill children

*ڀان سيدآباد  ويجهو وحشي جوابدار مبينا طور گهر گهڙي ٻن معصوم ٻارن کي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي بارڙا زخمي استپال منتقل  ڪيا ويا . ڳوٺ ڀنڀڻ ۾ جنوني نوجوان  گهر ۾ گهڙي ٻن معصوم ٻارڙن کي خنجر سان ماري ڪهڻ جي ڪوشش ڪئي  ٻارن جي رڙين تي ماڻهن پهچي …

تفصيل »

نيوز: سڪرنڊ: ڪوچ ڪلٽي، 15 زخمي، اسپتال منتقل

Sakrand: Road Accident , 15 people injured

*سڪرنڊ ويجهو  قومي شاھراھ تي  ڪراچي کان گهوٽڪي ويندڙ ڪوچ ڪلٽي ٿي پئي جنهن جي نتيجي ۾ 15 ڄڻا زخمي ٿي پيا.  امداد پيئٽرول پئمپ وٽ ڪراچي کان گھوٽڪي ويندڙ تيزرفتار ڪوچ ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾  ٻن عورتن سميت 15ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا. زخمين کي ترت ئي اسپتال …

تفصيل »

نيوز: لکي غلام شاھ : نينگربدفعلي  بعد بيدرديءَ سان  قتل

Lakhi Ghulam Shah: Child killed after severely abused

*لکي غلام شاھ  ويجهو وحشي جوابدارن 13 ورهين جي نينگر کي حوس جو نشانو بڻائڻ بعد بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو . ڳوٺ منگراڻي مهر ۾ جوابدارن نينگر شيراز احمد مهر کي بدفعلي بعد ڳلو ڪپي قتل ڪرڻ بعد نينگر جو لاش ويران جڳھه تي  ڦٽو ڪري فرار ٿي ويا …

تفصيل »

نيوز: مٺي: پ پ اڳواڻ چندر شرما جي قتل ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي

Mithi: PPP leader Chandar Sharma important progress in murder

مٺي شهر ۾ فقير صادق چوڪ وٽ ٻه ڏينهن اڳ سرعام گوليون هڻي قتل ڪيل پ پ ايم اين اي ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي جي پرسنل سيڪريٽري چندر شرما جي قتل ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، پوليس پاران سي سي ٽي وي فوٽيج ۽ مليل شاهدين مطابق مک جوابدار …

تفصيل »

نيوز: ڪورنگي: فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو ۽ هڪ ڄڻو زخمي

Korangi: One killed and one injured in firing

ڪورنگي ڀرسان مهراڻ ٽائون ۾ هٿياربند جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو ۽ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو آهي ڊي 11 جي بس اسٽاپ وٽ هٿياربندن هٿان 17 ورهين جو صدام چانڊيو مارجي ويو جڏهن ته هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو، جنهن کي جناح اسپتال داخل ڪيو ويو آهي …

تفصيل »