21 جمعو , سيپٽمبر 2018

مون کي ڪنهن ڊڪٽيٽر ناهي پاليو، 22 سالن جي جدوجهد بعد هتي پهتس: عمران خان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) نئين چونڊيل وزير اعظم عمران خان قومي اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته هو قوم کي قرضي ڪندڙ شخص کي نه ڇڏيندو ۽ ملڪ جو پيسو واپس آڻيندو. قومي اسيمبلي مان چونڊجڻ بعد پنهنجي پهرين تقرير ۾ سندس چوڻ هو ته پنهنجي قوم سان واعدو ٿو ڪيان ته جيڪي تبديلي اسان آڻينداسين قوم ان جي لاءِ ترسي رهي هئي. هن چيو ته سخت احتساب ٿيندو ۽ جن ماڻهن قوم کي قرضي بڻايو هڪ هڪ ماڻهو کي نه ڇڏينداسين. عمران خان واعدو ڪيو ته ملڪ ۾ اُها تبديلي آڻينداسين جنهن لاءِ ماڻهو ترسي رهيا آهن. هن چيو ته ملڪ کي ڦريندڙ  هڪ هڪ ماڻهو جو احتساب ٿيندو ۽ ڪنهن ڌاڙيل سان اين آر او نه ٿيندو. نئين چونڊيل وزير اعظم چيو ته مون کي ڪنهن ملٽري ڊڪيٽر ناهي پاليو، 22 سالن جي جدوجهد بعد هتي پهتو آهيان. هن چونڊ مهم دوران ڪيل واعدن کي ورجائيندي چيو ته جيڪو ملڪ جو پيسو ڦري ٻاهر موڪليو ويو اُهو واپس آڻيندس. عمران خان چيو ته 6 هزار ارب قرض کي 28 ارب تائين ڪيو ويو، اِهو قرض ڪيئن چڙهيو ان جو حساب ڪنداسين، جيڪي پيسا عوام جي سهولتن لاءِ هئا اُهي ماڻهن جي کيسن ۾ ويا، هاڻ پيسي جي واپسي لاءِ ايوان ۾ بحث ڪنداسين. هن چيو ته نوجوانن جي ڪري اڄ هتي بيٺو آهيان، هنن جي حمايت کان سواءِ هتي نه پئي پهچي سگهيس. هن چيو ته نوجوانن جي لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ڪندس جيئن هنن کي ٻاهر نه وڃڻو پوي. عمران خان چيو ته توهان چونڊن جي حوالي سان جنهن قسم جي جاچ ڪرائڻ چاهيو ٿا اسان سهڪار ڪنداسين ۽ اهو سهڪار اسان ان ڪري ڪنداسين ڇو ته اسان کي خبر آهي ته اسان ڌانڌلي ناهي ڪئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اڊيالا جيل ۾ حنيف عباسي جي تصوير واري معاملي جي جاچ شروع

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) اڊيالا جيل ۾ نواز شريف ۽ حنيف عباسي جي تصوير …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے