18 ڇنڇر , آگسٽ 2018

ووٽ جي رازداري بابت ڪيس ۾ بابر اعواڻ جو جواب رد، عمران خان کان حلفي بيان ۽ معافي نامو طلب

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن عمران خان خلاف ووٽ جي رازداري بابت ڪيس ۾ بابر اعواڻ جو تحريري جواب رد ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته تحريڪ انصاف سربراهه کان حلفي بيان ۽ سندس صحيح ٿيل معافي نامو طلب ڪيو ويو آهي. 25 جولاءِ تي ٿيندڙ عام چونڊن ۾ عمران خان پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ لاءِ اين اي 53 اسلام آباد جي پولنگ اسٽيشن ويو هو، جتي هن پولنگ بوٿ پويان مهر لڳائڻ بدران صحافين سامهون ئي بيلٽ پيپر تي مهر هنئي هئي، جنهن جو اليڪشن ڪميشن نوٽيس ورتو هو. چيف اليڪشن ڪمشنر سردار رضا جي سربراهي ۾ 4 رڪني بئنچ عمران خان خلاف ووٽ جي رازداري ظاهر ڪرڻ تي پاڻمرادي نوٽيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن سلسلي ۾ تحريڪ انصاف سربراهه جو وڪيل بابر اعواڻ اليڪشن ڪميشن ۾ پيش ٿيو ۽ معافي گهري. چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته ووٽ جي رازداري ظاهر ڪرڻ معافي جو معاملو ناهي، عمران خان ووٽ جي رازداري بابت جواب ناهي ڏنو. ان تي بابر اعواڻ چيو ته عمران خان طرفان ووٽ جي رازداري تي جواب جمع ڪرايان ٿو. اليڪشن ڪميشن بابر اعواڻ طرفان تحريري جواب جمع ڪرائڻ کانپوءِ ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪري ورتو، پوءِ اليڪشن ڪميشن فيصلو ٻڌائيندي بابر اعواڻ طرفان جمع ڪرايل تحريري جواب رد ڪري ڇڏيو ۽ عمران خان کان حلفي بيان سميت سندس صحيح ٿيل معافي نامو طلب ڪيو. ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪئي وئي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزيراعظم عمران خان عارف علوي کي صدر نامزد ڪري ڇڏيو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم عمران خان عارف علوي کي صدر نامزد ڪري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے