16 خميس , آگسٽ 2018

عوام ووٽ ذريعي ڀوتارن ۽ ڪرپٽ مافيا کي رد ڪري: شفقت انڙ

ڏوڪري (رپورٽ: آفتاب قاضي) پي ٽي آءِ پاران پي ايس 13 تي نامزد اميدوار حاجي شفقت حسين انڙ پاران چونڊ مهم جي سلسلي ۾ باقراڻي ۽ ڏوڪري تعلقن جي مختلف ڳوٺن گلهڻ واهڻ ، مارفاڻي ، بگي ، گند شريف ، حڪيم سنديلو ، عمر ڀيو ، ڪلي ، ڏوڪري ، باڊهه ۾ ڪارنر گڏجاڻيون توڙي ڳيريلو شهر ۾ عوامي جلسو منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾وڏي انگ ۾ عوام شرڪت ڪري پي ٽي آءِ اميدوار جو شاندار استقبال ڪري مٿس گلن ورکا ڪئي ، پي ٽي آءِ اميدوار مخالفن جي کل لاهي ڇڏي ، ان موقعي تي ميوو ، راجپوت ، ڀٽي ، مغل ، ميمڻ ، جوڻيجا ، جتوئي ، ڪلهوڙا ، ابڙا ، مشوري ، بروهي ۽ ٻين برادرين پاڪستان تحريڪ انصاف ۾ شموليت جو اعلان ڪندي پي ٽي آءِ اميدوار حاجي شفقت حسين انڙ جي حمايت جو اعلان ڪيو ، ان موقعي عوامي ميڙاڪن کي خطاب ڪندي پي ٽي آءِ اڳواڻ حاجي شفقت حسين انڙ چيو ته عوام سياسي ڀوتارن ۽ ڪرپشن مافيا کي ووٽ ڏيڻ بدران تبديلي پسندن کي ووٽ ڏئي پنهنجي اولاد جي مستقبل جو فيصلو ڪن ،جيڪڏهن هن ڀيري به عوام ووٽ جو صحيح استعمال نه ڪيو ته 5 سال وري ٻيهر ڀوڳڻو پوندو تنهن ڪري هاڻ عوام ڀوتارڪي سوچ رکندڙ اميدوارن جي ڏٽن ۽ آسرن تي نه لڳن پنهنجي قسمت جو فيصلو پاڻ ڪن ، هن چيو ته پنهنجي چونڊ وڙهڻ جو مقصد صرف پنهنجي علائقي جي عوام کي ڀوتارڪي سوچ کان آزاد ڪرائڻ آهي ، انشاءَ الله 25 جولاءِ تي عوام جي ووٽ ۽ سهڪار سان مخالفن کي شڪست ڏئي ڀوتارڪي سوچ کي هميشه لاءِ ختم ڪبو ، هن چيو ته عمران خان کي هاڻي وزير اعظم ٿيڻ کان ڪير به نٿو روڪي سگهي ، هن وڌيڪ چيو ته عمران خان پاڪستان ۾ موجود ڪرپٽ مافيا جو خاتمو آڻي نئون پاڪستان ٺاهيندو جنهن ۾ عوام کي عدل و انصاف تعليم ۽ صحت جهڙا بنيادي حق ملندا ، ان موقعي تي پي ٽي آءِ اڳواڻ سيد نعيم اختر شاهه راشدي ، سيد پيرل شاهه ، سيد فيض شاهه ، سيد پڃل شاهه متارو ، مير نور احمد بروهي ، خالد سيف الله آريجو ، ذوالفقار بروهي ، عبدالعزيز جهتيال ، محمد ابراهيم جهتيال ، سرائي بشير ٽاٽڙي ، سيد بقا شاهه، سميع الله نيازي ، بشير شاهه ۽ ٻيا پڻ گڏ هئا.06

هي به ڏسي سگهو ٿا

Nawabshah: The beauty of Mohammad Ismaili entered the Bad, PMO hospital

مخالف ڌر نوان طريقا اختيار ڪندي ته اسان به تيار آهيون: مراد شاهه

ڪراچي:  سنڌ اسيمبلي ۾ اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ بعد ايوان ۾ ڳالهائيندي نامزد …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے