16 خميس , آگسٽ 2018

ڏکڻ آفريڪا ۾ نسل پرستي خلاف جدوجهد جي علامت نيلسن منڊيلا  جي 100 هين سالگرهه

The 100-year anniversary of Nelson Mandela's sign of racist struggle in South Africaجوهانسبرگ(ويب ڊيسڪ) ڏکڻ آفريڪا ۾ نسل پرستي خلاف جدوجهد جي علامت نيلسن منڊيلا  جي 100 هين سالگرهه اڄ ملهائي پئي وڃي کيس ڀيٽا ڏيڻ لاءِ سڄي دنيا ۾ تقريبون رٿيل. ڏکڻ آفريڪا جي مزاحمتي تحريڪ جو روح روان عظيم انقلابي ڪردار نيلسن منڊيلا  18 جولاءِ 1918ع ۾ ڏکڻ آفريڪا جي صوبي ٽرانسڪي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ موويزو ۾ پيدا ٿيو.ستن سالن جي ڄمار ۾ هن اسڪول وڃڻ شروع ڪيو.جنهن اسڪول ۾ هن کي ويهاريو ويو اتي انگريزي ثقافت ۽ روايتن کي هر شيءِ تي برتري حاصل هئي. نيلسن منڊيلا 1944ع ۾ ايويلين سان شادي ڪئي، جنهن مان کيس چار ٻار پيدا ٿيا، منڊيلا ٻي شادي سماجي ڪارڪن  وني سان  1958 ۾ ڪئي. جوهانسبرگ وڃڻ کان پوءِ  هن وڪالت جي تعليم حاصل ڪئي. جت هن جي ملاقات هڪ ڪاري وڪيل والٽر سيسولو سان ٿي، جيڪو پڻ اڳتي هلي ڏکڻ آفريقا ۾ نسلي متڀيد جي خلاف ويڙهه جو اهم اڳواڻ بڻيو، منڊيلا پنهنجي آتم ڪهاڻي، Long Walk To Freedom ۾ والٽر سيسلو جي ڏاهپ ۽ حڪمت عملين جو ذڪر به ڪيو آهي.1946ع ۾ کاڻين ۾ ڪم ڪندڙ ڪارڪنن هڙتال ڪئي، جنهن ۾ ستر هزار آفريقي نوجوانن حصو ورتو، اهو ملڪي تاريخ جو پهريون واقعو هو جنهن ۾ ستر هزار، کاڻين ۾ ڪم ڪندڙ مزدور هڙتال تي رهيا. جنهن ۾ڪيترائي مزدور،پڻ  مارجي ويا 1947ع ۾ منڊيلا کي اي اين سي جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي ۾ شامل ڪيو ويو،1951ع ۾ منڊيلا کي يوٿ ليگ جو صدر چونڊيو ويو.نيلسن منڊيلا 5 ڊسمبر 2013 ع تي 95 سالن جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.منڊيلا جي جدوجهد صدين تائين ياد رهندي ۽ مظلوم قومن جي لاءِ مشعل راهه بڻيل رهندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزيراعظم جي اميدوار بابت ن ليگ کي خدشن کان آگاهه ڪري ڇڏيو هو: خورشيد شاهه

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته اسان ن ليگ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے