18 اربع , جولاءِ 2018

عام چونڊون ملتوي ڪرڻ جي درخواست رد

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن متحدا قبائل پارٽي طرفان عام چونڊون ملتوي ڪرڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي آهي. چيف اليڪشن ڪمشنر جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ 2018ع جون عام چونڊون ملتوي ڪرڻ ۽ فاٽا جي قومي توڙي صوبائي اسيمبلي جي سيٽن تي گڏ چونڊون ڪرائڻ جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. متحدا قبائل پارٽي جي وڪيل فروغ نسيم دليل ڏيندي چيو ته جولاءِ ۾ سخت گرمي ٿيندي، ٽرن آئوٽ ڏاڍو گهٽ هوندو، سڄي ملڪ ۾ چونڊون ٿي رهيون آهن، رڳ فاٽا کي محروم ڪرڻ آرٽيڪل 25 جي ڀڃڪڙي هوندي، ٻن يا ٽن مهينن تائين عام چونڊن ۾ دير ڪئي وڃي ته جيئن سڄي ملڪ ۾ گڏ چونڊون ٿين. چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته جيڪڏهن اسان چونڊون سياري تائين وٺي وڃون ته ٿڌ وارن علائقن جا ماڻهو نه نڪري سگهندا. اليڪشن ڪميشن دليلن جي ٻڌڻي کانپوءِ فيصلو ٻڌائيندي متحدا قبائل پارٽي جي عام چونڊون ملتوي ڪرڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

Indian Foreign Minister rejected the Indian objection report on the United States

گڏيل قومن ڪشمير رپورٽ تي ڀارتي اعتراض رد ڪري ڇڏيا: پرڏيهي آفيس

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان والاريل ڪشمير ۾ ڀارت طرفان انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين بابت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے