23 آچر , سيپٽمبر 2018

احسن اقبال جي اثاثن جا تفصيل سامهون اچي ويا

نارووال (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وفاقي گهرو وزير احسن اقبال جي اثاثن جا تفصيل سامهون اچي ويا آهن، جنهن موجب هڪ ڪروڙ 38 لک رپين جي ملڪيت رکي ٿو. ن ليگ اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي گهرو وزير اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرايل نامزدگي ڪاغذن ۾ اثاثن جا تفصيل جمع ڪرايا. احسن اقبال پاڻ کي اسلام آباد ۾ 12 ايڪڙ ۽ نارووال ۾ 4 ڪنال مڪان جو مالڪ ٻڌايو، جيڪو کيس وراثت ۾ مليو، جڏهن ته سندس گهرواري جي نالي 40 ايڪڙ وراثتي زمين آهي. ن ليگ اڳواڻ اسلام آباد واري پلاٽ جي قيمت هڪ ڪروڙ رپيا لکي، جڏهن ته هن زرعي زمين مان 78 هزار رپيا آمدني به ظاهر ڪئي. احسن اقبال نامزدگي ڪاغذن ۾ 15 تولا سون، 7 لک 30 هزار رپيا روڪ رقم ظاهر ڪئي، ان سان گڏوگڏ سندس استعمال هيٺ فرنيچر جي قيمت 5 لک رپيا آهن. اڳوڻي گهرو وزير 2015ع کان 2018ع تائين 39 پرڏيهي دورا ڪيا.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

شاهه محمود قريشي گڏيل قومن ۾ ڪشميرين جي حق لاءِ آواز اٿاري: مشعال ملڪ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حريت اڳواڻ ياسين ملڪ جي گهرواري مشعال ملڪ چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے