18 اربع , جولاءِ 2018

ملڪ جا مسئلا رڳو ن ليگ حل ڪري سگهي ٿي: شاهد خاقان عباسي

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته گذريل دور ۾ سنڌ، بلچستان ۽ ڪي پي ۾ ڪرپشن رهي پر وفاق ۽ پنجاب تي ڪير به آڱر نٿو کڻي سگهي. راولپنڊي ۾ڪارڪنن کي خطاب ڪندي شاهد خاقان عباسي چيو ته مان 8 چونڊون ڀرواري تڪ تان وڙهي چڪو آهيان، اليڪشن ڪميشن بهتر سمجهيو ۽ تڪ تبديل ڪري ڇڏيو، نيون چونڊون توهان سان وڙهي رهيو آهيان. هن چيو عوام جو فيصلو ٿيو ته مسئلا حل ٿيندا، اسان سدائين خدمت، عزت ۽ ملڪ جي ترقي جي سياست جي ڳالهه ڪئي آهي. سندس چوڻ هو ته سنڌ ۽ بلوچستان جي صوبائي حڪومت ۾ ڪرپشن رهي آهي، ن ليگ تي ڪرپشن جو ڪو الزام ناهي لڳي سگهيو، جنهن کي وڻي الزام هڻي، مان جواب ڏيڻ لاءِ تيار آهيان. شاهد خاقان عباسي چيو ته اسان کي ڪا شرمندگي ناهي، اسان ڀرپور طريقي سان ملڪي معيشت کي بهتر ڪيو، هاڻ فيصلو عوام کي ڪرڻو آهي، مسئلن جو حل رڳو ن ليگ وٽ آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

بلاول کي مسئلن جي ڪهڙي خبر، زرداري به جلد اڊيالا ويندو: عمران خان

جيڪب آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان چيو آهي ته آصف زرداري ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے