16 سومر , جولاءِ 2018

شينهن ٻچن سميت ڀڄي ويو آهي، چونڊن ۾ چور جو مقابلو چوڪيدار سان ٿيندو: بابر اعواڻ

فيصل آباد ( ويب ڊيسڪ ) تحريڪ انصاف اڳواڻ بابر اعواڻ چيو آهي ته  شينهن ٻچن سميت ڀڄي ويو آهي، عام چونڊن ۾ چور ۽ چوڪيدار ۾ مقابلو ٿيندو. فيصل آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بابر اعواڻ چيو ته عام چونڊن ۾ تعليم يافتا ووٽر، تعليم يافته اميدوار اليڪشن جو فيصلو ڪندا. هن چيو ته 70 ورهين ۾ پاڪستان پهريون ڀيرو فيصلائتي تاريخ لکڻ وڃي رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته عوام کي فيصلو ڪرڻو آهي ته چور کي ووٽ ڏيڻ آهي يا چوڪيدار کي، اهڙو موقعو وري نه ملندو، تنهن ڪري تبديلي لاءِ ووٽ ڏنو وڃي. بابر اعواڻ چيو ته پنجاب ۾ ايترو پئسو آيو پر لڳو ڪٿو آهي،  اسان اهڙن منصوبن بابت فائل کولينداسين، چور کي هٽائي چور آندو ويندو ته چوري وڌندي. هن چيو ته ڪنهن پنهنجي مئنڊيٽ اورانگهيو ته آرٽيڪل 6 جو ڪيس داخل ٿيندو، پاڪستان جي آئين ۾ لکيو آهي ته سڀ ادارا گڏجي شفاف چونڊون ڪرائين. سندس چوڻ هو ته مريم نواز جو ميڊيا سيل اسلام آباد ۾ بند ٿيو، گورنر هائوس پنجاب ۾ کلي ويو آهي. بابر اعواڻ چيو ته اهڙو ڪهڙو حڪمران هوندو جيڪو دشمن ملڪ جي سربراهه جي ڪن ۾ ڳالهائيندو، اڳوڻن حڪمرانن پاڪستان کي عالمي سطح تي اڪيلو ڪري ڇڏيو آهي.  بابر اعواڻ چيو ته جيڪڏهن شينهن آهيو ته انگريزن جي پيرن مان ٻاهر نڪرو، ڪهڙو شير آهي جيڪو ملڪ جي انصاف ۽ عدل کان ڊنل آهي. هن چيو ته خاص منصوبن ۾ پاڪستان جو پئسو لڳائي ڦرڻ جو دور گذري ويو آهي، عوام ڪنهن کي واپس آڻڻ چاهي ٿو، ڪرپشن ۾ ٻڏل شخص کي يا وري تبديليءَ کي؟

هي به ڏسي سگهو ٿا

افغان صدر جو آرمي چيف سان رابطو، دهشتگرد واقعن تي افسوس جو اظهار

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا کي افغان صدر ٽيلي فون ڪري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے