18 اربع , جولاءِ 2018

عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت لاءِ اپاءَ ورتا ويندا: حسن عسڪري

Space creation is a political statement, general elections are transparent: hassan askriلاهور ( ويب ڊيسڪ ) پنجان جي نگران وڏي وزير حسن عسڪري چيو آهي ته اليڪشن دوران پبلڪ هنڌن ۽ عوام جي جان توڙي مال جي حفاظت لاءِ سمورا قدم کنيا ويندا. لاهور ۾ نگران وڏي وزير حسن عسڪري جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ صوبائي وزيرن، چيف سيڪريٽري، انسپيڪٽر جنرل پوليس، ايڊيشنل چيف سيڪريٽري، ايڊيشنل گهرو سيڪريٽري، سول ۽ فوجي ادارن جي اعليٰ اختيارين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ چونڊن جي تيارين جي انتظامن، سڪيورٽي معاملن ۽ امن امان جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو. سياسي پارٽين جي سرگرم اڳواڻن کي فول پروف سڪيورٽي ۽ چرپر دوران باڪس سڪيورٽي فراهم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. نگران وڏي وزير لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي ته عام چونڊن دوران سانوڻي ۽ امڪاني ٻوڏ  جي خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ اڳواٽ انتظام ڪيا وڃن. اجلاس دوران حسن عسڪري چيو ته حساس پولنگ اسٽيشنن تي امن جي فضا برقرار رکڻ لاءِ خاص انتظام ڪيا ويندا، پولنگ اسٽيشنن جي سي سي ٽي وي ڪيمرائن ذريعي نگراني ڪئي ويندي، سي سي ٽي وي ڪيمرائون مڪمل طور فعال هئڻ گهرجن.  هن چيو ته اليڪشن ڪميشن جي ضابطا اخلاق تي عملدرآمد يقيني بڻايو ويندو،  چونڊ مهم دوران هڪ ٻئي خلاف غير اخلاقي ڳالهين کان پاسو ڪيو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

بلاول کي مسئلن جي ڪهڙي خبر، زرداري به جلد اڊيالا ويندو: عمران خان

جيڪب آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان چيو آهي ته آصف زرداري ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے