20 خميس , سيپٽمبر 2018

بينظير ڀٽو جي زندگي تي فلم، بختاور طرفان مهوش حيات خلاف ڪارروائي جو اعلان

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو جي زندگي تي ٺهندڙ فلم تي اعتراض ڪندي سندس نياڻي بختاور ڀٽو  فلم جي ٽيم خلاف ڪارروئي جو اعلان ڪيو آهي. اداڪاره مهوش حيات پنهنجي انسٽا گرام پوسٽ ذريعي بينظير ڀٽو جي زندگي تي ٺهندڙ فلم ۾ ڪم ڪرڻ جي تصديق ڪئي جنهن بعد اها خبر ڪجهه ڪلاڪن اندر ئي سموري ميڊيا ۾ پکڙجي وئي.  بينظير ڀٽو جي نياڻي بختاور ڀٽو زرداري مهوش حيات جي فلم تي اعتراض واري ڇڏيو آهي.  بختاور ڀٽو ٽوئيٽ ڪندي چيو ته سندس امڙ جي زندگي تي ٺهندڙ فلم بابت سندس وارثن ۽ ٻارڙن کان ڪنهن به قسم جي رضامندي حاصل نه ڪئي وئي آهي، اها ڳالهه اسان لاءِ بلڪل قبولڻ جوڳي ناهي ۽ اسان ڪارروائي ڪنداسين. بختاور ڀٽو جي ٽوئيٽ جي ٿوري دير بعد مهوش حيات ٽوئيٽ ڪندي چيو ته بينظير ڀٽو جي زندگي تي ٺهندڙ فلم اڃا شروعاتي مرحلي ۾ آهي جنهن کي توهان جي خاندان جي دعائن ۽ اجازت کانسواءِ اڳتي نه وڌايو ويندو مون کي پڪ آهي ته اسان جي ٽيم پروجيڪٽ کي اڳتي وڌائڻ کان اڳ توهان سان رابطو ضرور ڪندي. هن چيو ته هڪ فلم کان هٽ ڪري مان پنهنجي آئيڊيل بينظير ڀٽو بابت تحقيق ڪري رهي آهيان،مان هڪ ڏينهن توهان سان ملڻ چاهينديس جيئن هن بابت وڌيڪ ڄاڻي سگهان.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀارت سشما سوراج ۽ شاهه محمود قريشي جي ملاقات تي راضپو ڏيکاري ڇڏيو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان جي خط جو جواب ڏيندي ڀارت گڏيل قومن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے