22 آچر , جولاءِ 2018

نيوز: ٻھارا: پ پ اميدوار ڄام اويس گهرام خان جوکئي  اليڪشن مهم شروع ڪري ڇڏي

Buhaara: Candidate of PPP Owais Gehram khan starts Election campaign * ٻھارا   ويجهو پي ايس تڪ 79 ميرپورساڪرو تي  پيپلز پارٽي جي  اميدوار ڄام اويس گهرام خان جوکئي  پنهنجي اليڪشن مهم شروع ڪري ڇڏي.

سردار ڄام اويس گهرام خان جوکئي،  سيد حبدار علي شاهه ۽ قدوساڻي مختلف ڳوٺن جا دورا ڪري  ڪارنر  گڏجاڻيون ڪيون.

ان موقعي تي سردار ڄام اويس گهرام خان جوکئي  خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي عوامي پارٽي آھي.

 هن چيو تھ  عوام بلاول ڀٽو زرداري کي پاڪستان جو وزيراعظم ڏسڻ چاهي ٿو ۽ عوام اليڪشن ڏينهن تير تي ٺپا هڻي پنهنجو خواب ساڀيان ڪندو.

هوڏانهن سردار ڄام اويس گهرام  ڳوٺ صاحب خان ۾ حاجي محمد خان لاشاري ، ڳوٺ مبارڪ لاشاري ۾ رمضان لاشاري ،  ڳوٺ مراد خاصخيلي ۾ غلام قادر خاصخيل جي تعزيت ڪئي .

 ان موقعي تي  ماما ضياءَ  شيخ ،  منصور قادر لاشاري ، محمد خان ڪاتيار ، خدابخش لاشاري ۽ ٻيا ساڻس گڏ هئا

هي به ڏسي سگهو ٿا

As the head of the Aidya, I assure that no one has any power over them: Chief Justice

منجهند ٽي وڳي وارو نيوز بليٽن /2018-07-22

عدليا جي سربراهه طور يقين ڏياريان ٿو ته ڪنهن جو بھ مٿن  دٻاءُ ناهي:چيف جسٽس …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے