18 اربع , جولاءِ 2018

نيوز: دوڙ: جسقم جي مرڪزي سڏ تي  کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن جي بازيابي لاءِ احتجاج

Dorr: Protest by workers of JSQM for the freedom of kidnapped individuals*دوڙ ۾  جسقم جي مرڪزي سڏ تي  کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن جي بازيابي لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

سيد شفيق احمد شاھ، نظام گورچاڻي، محبوب خاصخيلي، فيروز لغاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ دوڙ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تھ سنڌ مان جبري گمشدگيون انساني حقن جي لتاڙ آهن.

هنن چيو تھ ڪارڪنن تي جيڪڏهن ڪو ڪيس آهي يا هو ڪنهن ڏوهاري سرگرمي ۾ ملوث آهن تھ کين گرفتاري ظاهر ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي.

هنن ملڪ جي واڳ ڌڻين کان مطالبو ڪيو تھ  سرور خشڪ سميت ٻين کنڀيل ڪارڪنن کي فوري طور تي آزاد ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو

هي به ڏسي سگهو ٿا

Mediator: Jahan, woman and good husband died in two sentences, the latest interview

نيوز:مديجي: ٻن ڌرين ۾ جيهڙو، عورت ۽ چڱو مڙس مارجي ويا،نينگري مرڻينگ

مديجي ڀرسان پنهور ۽ بروهي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان جيهڙي سبب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے