22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

ڪراچي جي اين اي 243 تي عمران خان جي نامزدگي ڪاغذن جي منظوري خلاف اپيل رد

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ) اپيلٽ ٽربيونل اين اي 243 تان عمران خان جي نامزدگي ڪاغذن جي منظوري خلاف اپيل رد ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته ميانوالي مان پي ٽي آءِ چيئرمين جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪرڻ تي آر او کي نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن. تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان عام چونڊن لاءِ اسلام آباد،لاهور، ميانوالي ۽ ڪراچي مان نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ تي اعتراض داخل ڪيا آهن. ڪراچي جي اين اي 243 تي عمران خان جي نامزدگي ڪاغذن جي منظوري خلاف اڳوڻي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري جي پارٽي جسٽس اينڊ ڊيمو ڪريٽڪ پارٽي جي وهاب بلوچ اعتراض داخل ڪيا هئا. رٽرننگ آفيسر اعتراض ڪندڙ جا اعتراض رد ڪندي عمران خان جا نامزدگي ڪاغذ منظور ڪيا هئا جنهن تي اعتراض ڪندڙ آر او جو فيصلو اپيلٽ ٽربيونل ۾ چئلينج ڪيو هو. اپليٽ ٽربيونل به آر او جو عمران خان جا نامزدگي ڪاغذ منظور ڪرڻ جو فيصلو برقرار رکندي اپيل کي رد ڪري ڇڏيو آهي. ٻئي طرف قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 95 ميانوالي تان عمران خان جا نامزدگي ڪاغذ رد ٿيڻ جي معاملي تي لاهور هاءِ ڪورٽ جي اپيلٽ ٽربيونل رٽرننگ آفيسر ۽ ٻين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن. رٽرننگ آفيسر جي فيصلي خلاف عمران خان جي اپيل تي اپيلٽ ٽربيونل جي جسٽس فيصل زمان ٻڌڻي ڪئي. عمران خان جو وڪيل بابر اعواڻ ٽربيونل ۾ پيش ٿيو ۽ موقف اختيار ڪيو ته رٽرننگ آفيسر حقيقتن جي ابتڙ وقت تي بيان حلفي جمع نه ڪرائڻ جو الزام هڻي نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا.اپيل ۾ درخواست ڪئي وئي آهي ته رٽرننگ آفيسر جو فيصلو رد ڪيو وڃي. ٻڌڻي بعد عدالت رٽرننگ آفيسر ۽ ٻين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي سومر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي بابر اعواڻ چيو ته عمران خان جا نامزدگي ڪاغذ گهر واري جي ملڪيت ۽ زيور ظاهر نه ڪرڻ تي رد ٿيا. هن چيو ته ٽيڪنيڪي بنيادن تي ڪنهن کي چونڊ وڙهڻ کان روڪي نه ٿو سگهجي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شاهه محمود قريشي گڏيل قومن ۾ ڪشميرين جي حق لاءِ آواز اٿاري: مشعال ملڪ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حريت اڳواڻ ياسين ملڪ جي گهرواري مشعال ملڪ چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے