18 اربع , جولاءِ 2018

چونڊون ۽ سنڌ جي شعور جي تقاضا

اقبال ملاح

25 جولاءِ تي ملڪ اندر چونڊون آهن ۽ سنڌ ۾ ڀوتارن، جاگيردارن، سردارن سامهون ڪيترائي اهڙا ترقي پسند، قومپرست ۽ هيٺين، وچولي طبقي جا اميدوار فارم ڀرائي چڪا آهن، جن جا هٿ اقتدار ۾ شامل ٿي ڪرپشن جي دانگيءَ جي ڪارنهن کان آجا رهيا آهن، اهڙن ترقي پسند ۽ روشن خيال ماڻهن جو انگ ته موچارو آهي، پر هو ڇڙوڇڙ آهن ۽ ڪنهن به چونڊ اتحاد واري شڪل وٺي نه سگهيا آهن، ڪيترن ئي تڪن تي ته قومپرست ۽ ترقي پسند اميدوارن جي هڪٻئي سامهون بيهڻ ڪري ڀوتارڪي ڪلچر کان بيزار ماڻهو ان مونجهاري جو شڪار ٿي ويا آهن ته ڀوتار جي ڀيٽ ۾ هو اهڙي ڪهڙي اميدوار جي چونڊ ڪن، جن کي هو ڀوتار جو متبادل سمجهن ٿا، سنڌ ۾ اهڙي صورتحال تي نه رڳو سوشل ميڊيا تي بحث هلندڙ آهي، پر گذريل ڏينهن قاسم آباد حيدرآباد ۾ ترقي پسند، روشن خيال ۽ سول سوسائٽي جي دوستن جي غير رسمي ويهڪ ٿي آهي، جنهن ۾ هنن اهو پئي ويچاريو ته هو ترقي پسند پارلياماني سياست ڪندڙ قومپرست جماعتن ۽ فردن سان رابطو ڪري کين ان ڳالهه تي راضي ڪرڻ لاءِ ڪوششون وٺندا ته هو هڪٻئي سامهون ٿي بيهڻ بجاءِ پاڻ ۾ سيٽ ايڊجيسٽمينٽ ڪن ته جيئن باشعور۽ ترقي پسند ڌرين جو ووٽ هڪ کان وڌيڪ حصن ۾ ورهائجڻ کان بچي سگهي،

آئون ان ڳالهه سان ان ڪري به سهمت آهيان جو اسان جون ترقي پسند ۽ قومپرست جماعتون پورا پنج سال هي دانهون ڪن ٿيون ته سنڌ ۾ سٺي حڪمراني ڪونهي، سنڌ سياسي طور ڀوتارن حوالي ٿيل آهي، حڪمران ڪرپٽ آهن، سنڌ جي تعليم تباهه آهي، نوڪريون ميرٽ تي نه ٿيون ملن، هتي ٿاڻا ۽ اسپتالون وڪامجن ٿيون، ميونسپل ڪميٽيون اي ٽي ايم مشين بڻيل آهن، تبديلي کان سواءِ ٻي ڪا واهه ناهي رهي، پر جڏهن چونڊون اچن ٿيون ته سڀ ترقي پسند قومپرست پارٽيون ۽ فرد هڪ ٻئي سامهون هجن ٿا ۽ جن قوتن ۽ فردن کي سنڌ لاءِ ناسور جهڙا نالا ڏئي کين رد ڪيو وڃي ٿو، انهن لاءِ ميدان خالي هجي ٿو ۽ نتيجتن چونڊن ۾ رئيس زاده ۽ ڀوتار هڪ ئي پيج تي هجن ٿا، اليڪشن کٽي اچن ٿا، اسيمبلين ۾ ويهن ٿا، سنڌ ۾ متبادل نه هجڻ ڪري مخالف ڌر به ساڳي ئي طبقي مان هجي ٿي.

منهنجي نظر ۾ نئين سنڌ اڏجڻ جو خواب ۽ تبديلي رڳو حوالن ڪٽڻ سان ناهي اچڻي، ان لاءِ ذهن کي ڪشادو ڪري وسيح نظر سوچ سان پارلياماني سياست جي آرٽ، تڪ ۾ موجود عوامي تضادن، مونجهارن، مسئلن ۽ انهن جي حل، گهربل وسيلن ۽ ووٽ جي طاقت کي پنهنجي پاسي ڪرڻ واريون سموريون ذميواريون وقت سر پوريون ڪرڻيون هونديون آهن، پر افسوس جي ڳالهه اها آهي جو ڪجهه قومپرست اميدوارن کي ڇڏي ڪري ڪنهن پنهنجو تڪ ئي ناهي ٺاهيو ۽ نه ئي هو ڪنهن جي مرڻي پرڻي ۾ شريڪ ٿيا آهن، سندن سياست جا مرڪز پارٽي جون آفيسون رهيون آهن يا وري هو سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ٻه چار دورا يا جلسا ڪري پنهنجن حامين سان مخاطب ٿي دل جو اوٻر ڪڍندا رهيا آهن، جڏهن چونڊون اچن ٿيون ته سندن مقابلو اهڙن ڀوتارن سان هجي ٿو، جنهن سان تپيدار کان وٺي حد جي ايس ايڇ او تائين پوري حڪومتي مشينري گڏ بيٺل هوندي آهي ۽ ووٽر جو نفسياتي طور غلامي ۾ هجڻ به هڪ اهم عنصر هجي ٿو، جنهن جا چونڊ نتيجن تي وڏا اثر پون ٿا، تنهن ڪري پهرين مرحلي ۾ قومپرست ۽ ترقي پسند اڳواڻن ۽ جماعتن کي انا ۽ تنظيمي وڏ ننڍائپ واري معاملي مان نڪري هڪ پليٽ فارم تي اچڻ گهرجي ۽ اليڪشن کي اليڪشن جي تقاضائن موجب وڙهڻ گهرجي، آئون سنڌ ۾ موجود ان نقطه نظر جو حامي آهيان ته جيڪڏهن پاڪستان اندر مذهبي جماعتون هڪٻئي سان چونڊ اتحاد ڪري سگهن ٿيون ته آخر قومپرست جماعتون هڪ ٻئي سان گڏجي چونڊون ڇو نه ٿيون وڙهي سگهن.؟ آئون به سڀني ترقي پسند، روشن خيال ڌرين جي گڏجڻ جي حق ۾ آهيان، ڇاڪاڻ ته سنڌ جي شعور کي هڪ هنڌ گڏ ٿي ويهارڻ کانسواءِ چونڊن وارو هي ڇپر کڻي نٿو سگهجي.

آئون سنڌ ۾ اليڪشني سياست  وارا جيڪي چونڊ منظر ڏسي رهيو آهيان، انهن موجب گهڻي ڀاڱي نتيجا ڀوتارن جي ئي حق ۾ اچڻا آهن، پر سڀ کان ڀلي ڳالهه اها ٿي آهي ته سياست جو نيريٽو تبديل ٿي رهيو آهي، هاڻ اهي زنده باد، مرده باد وارا ساڳيا نعرا ناهن لڳڻا، پر هاڻ نئون نيريٽو اچي رهيو آهي، تبديلي جي اها رفتار ماٺي ضرور آهي، پر سماج اندر موجود ضرور آهي، اهو ٻار جنهن پنهنجن اکين سان سنڌ ۾ غربت ڏٺي آهي، 18 سالن جي عمر ۾ اچڻ کانپوءِ ووٽ جو حق استعمال ڪرڻ لاءِ پولنـگ اسٽيشن تي اچڻو آهي، ان نئين ووٽر نوجوان کي هڪ منفرد سگهارو آواز ۽ متبادل گهرجي، هي اهي نوجوان آهن، جن جون آڱريون ليپ ٽاپ جي ڪي بورڊ کي استعمال ڪن ٿيون ۽ هو دنيا جي اٿل پٿل کي ڏسن، پرکن، سمجهن ۽ پڙهن ٿا، تن کي نه هي ڀوتار وارو کائي ٿو ۽ نه ئي کيس هي ڪرپٽ قيادت قبول آهي، سنڌ ۾ پيدا ٿيندڙ هي باشعور نوجوان ووٽ جو حق استعمال ڪرڻ جهڙو ٿي چڪو آهي، جنهن کي ڪو به جاگيردار ۽ سردار روڪي پنهنجي حق ۾ ڪري نٿو سگهي.

آئون جڏهن چوان ٿو ته ڀوتار، جاگيردار ۽ سردار بجاءِ هيٺين، وچولي ڪلاس جي قيادت ۽ روشن خيال قومپرست، ترقي پسند ڌرين ۽ فردن کي سڄاڻ ڀينرن ۽ ڀائرن سان گڏجي ڪو چونڊ اتحاد وارو جهان ٺاهڻ گهرجي ته ان ۾ ڪنهن به ڀوتار جي گنجائش باقي نٿي رهي، ڀوتار ڪنهن به انقلابي نعري يا اتحاد جي شڪل ۾ اچي هو ڪنهن پارٽي ۾ هجي يا پارٽي بدلائي طاقت واري پاسي ٿي بيهي پنهنجي روح ۾ هو ڀوتار هجي ٿو، تنهن ڪري سنڌ جي نوجوان کي ڪنهن به فريب يا دلڪش نعري، تحرير ۽ تقرير واري سحر ۾ ڦاسڻ نه گهرجي، اسان کي نئين سنڌ اڏڻ لاءِ پنهنجو ئي جهان جوڙڻو پوندو ۽ هيڻن جي آواز کي گڏڻو پوندو، تنهن ڪري هاڻوڪين چونڊن ۾ به اسان کي سڄي سنڌ جي ترقي پسند ۽ روشن خيال قومپرست ڌرين کي ان ڳالهه تي راضي ڪرڻو آهي ته هو سنڌ ۾ ڪٿي ڪهڙا ۽ ڪيترا اهڙا اميدوار آهن، جيڪي ڀوتارڪي ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ کي للڪاريو بيٺا آهن ۽ هڪ کان وڌيڪ اميدوار هجڻ ڪري سندن ووٽ ورهائجي رهيو آهي، تن کي ميڙ منٿ ڪري هڪ ئي اميدوار جي حمايت لاءِ راضي ڪرڻ گهرجي.

منهنجو خيال آهي ته رڳو ڳالهين مان ڪم نه هلندو ۽ اڄڪلهه جي سوشل ميڊيا تي صدين کان موجود هن ناحق تي ٻڌل سماج خلاف جيڪو ڪروڌ ۽ ڪاوڙ نظر اچي ٿي، ان کي ووٽ جي ڪاوڙ ۾ بدلائجي، ڪو نئون متبادل بنائجي، جنهن جي شروعات هن اليڪشن کان ٿئي، سوشل ميڊيا سميت سڀ ترقي پسند قومپرست ان خيال جا حامي آهن پر رڳو حامي هجڻ ڪافي ناهي، ان خيال کي عملي روپ ڏيڻ گهرجي، مون جيئن ته پنهنجي گذريل لکڻي ۾ به هيءَ ڳالهه لکي هئي ته سنڌ جي جاگيردارن ۽ سردارن اليڪشن ۽ سياست کي ايترو ته مهانگو ڪري ڇڏيو آهي، جو هاڻ چونڊ سرگرميون به ڪروڙن جي راند ٿي ويون آهي، تنهن ڪري سياست کي نظرياتي پيچرن تي وٺي اچڻو پوندو، انهن پيچرن تي جن جي ڳالهه ڪامريڊ حيدربخش جتوئي ڪئي هئي ۽ سنڌ کي هي نعرو ڏنو هو “جاڳيا جاڳيا هاري ڙي ڀڄ وڏيرا ڀاڙي ڙي” جاگيرداري، وهم پرستي ۽ ڀوتارڪي هاڻ دنيا جي سڌريل سماجن ۾ رهي ئي ناهي ڇو نه سنڌ به ان کان انڪاري ٿي پوي ۽ ان انڪار جو اظهار اسان کي هن اليڪشن ۾ ڀوتار کي ووٽ نه ڏئي ڪرڻ گهرجي ۽ گڏجي حبيب جالب جي هنن سٽن کي پنهنجي منشور جو مک حصو بڻائي وٺجي ته “مين نهين مانتا تيري دستور ڪو صبح بي نور ڪو” مون کي پوري اميد آهي ته هي اليڪشن نئين صبح جو نياپو کڻي ايندي ۽ ڀوتارن ۽ جاگيردارن خلاف سنڌ جو شعور هڪ پليٽ فارم تي اچي گڏ ٿيندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

فقير محمد لاشاري: هڪ جرئتمند صحافي

محمد سليمان وساڻ سنڌ جي تاريخ تي نظر ڊوڙائبي ته انيڪ صحافي نظر ايندا جن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے