21 جمعو , سيپٽمبر 2018

وڏيرڪو نانيءَ ويڙهو ۽ ان جو ٽوڙ

نذير  سومرو

ساڳيا خاندانَ ووٽ ڏيندڙ ساڳيا خاندان ووٽ وٺندڙ، اهو ئي وڏو ۽ ڪَڙو سچ آهي هن سماج جو. هيءَ ڪهاڻي آهي سنڌ جي هر تڪ جي، هر شهر جي، هر گهر جي، هر گهٽيءَ جي. ڪو وقت هو وڏيرڪو عذاب صرف ڳوٺن تائين هو پر هي پڙهيل لکيل سندن اولاد نوان طريقا ايجاد ڪري شهرن کي به پنهنجي غلاميءَ ۾ وٺي چڪي آهي. گهڻو وقت ٿيو جو سنڌ جي هڪ عظيم دماغ چيو هو ته هي اليڪشنون فراڊ آهن، پر پوءِ به اهي وقت تي ٿيڻ گهرجن ان سان سڌارو ايندو. هاڻي اسان کي به سمجهه ۾ اچڻ شروع ٿيو آهي ته اهو ئي سچ آهي. کٽڻ ۽ هارائڻ طيءَ ٿيل آهي. سيٽون ورهائجن ٿيون. ڪو ڪنهن تي راضي ڪيو وڃي ٿو ڪو ڪنهن تي. ڪنهن کي روڪ ته ڪنهن کي آسرو ڏيئي پرڀايو وڃي ٿو بلڪل ائين جيئن لٽ ڦر جو مال ورهائيندا آهن سڀ لٽيرا گڏجي. هي سماج جتي ڪابه شيءَ پنهنجي جاءِ تي صحيح ڪونهي اهو سڀ هنن جي هن ٺاهيل ناني ويڙهي جو ئي نتيجو آهي.

تاريخ جو جيڪڏهن مارڪسي/ سائنسي تجزيو ڪجي ٿو ته ڪلاس جو رشتو تمام گهڻو مضبوط نظرجي ٿو. اهو رشتو پنهنجي مفادن لاءِ هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهي ان حد تائين جو ڪو مري يا جيئي، قوم جو وجود وڃائجي وڃڻ جو خطرو هجي، ملڪ کي باهه لڳي پر هي پنهنجي مفادن خلاف نه ته ڳالهائيندا، (جيڪڏهن ڳالهائيندا ته پڪ سان اهو ڊرامي کان وڌيڪ ڪجهه ڪونه هوندو)، نه ته ڪو عملي قدم کڻندا. اسان اٻوجهه پيا هنن تان گهور ٿينداسين. 1988 ۾ جڏهن ايم آر ڊي تحريڪ کي پٺيءَ ۾ ڇرو هڻي پيپلز پارٽي هر طريقي ۽ هر شرط تي اقتدار حاصل ڪرڻ جا معاهدا ڪري عوام وٽ رڙيون ۽ ڪوڪون ڪري پهتي تڏهن اسان يا قربان يا قربان چيو. اڳ ويٺل وڏيرن ٻاهر بيٺل وڏيرن جي لاءِ اندر ۾ جاءِ ٺاهي ۽ اهي سمورا همراه جن ڀُٽي جي مرڻ تي مٺايون ورهايون هيون جن نه کاڌيون انهن کي ڪٽرايو ۽ مارايو هو اهي سڀ ٽڪيٽون وٺي ۽ ٻين کي وٺرائي ڏيئي هيرا بڻجي ويٺا.(وري ساڳيا نانگ ڳچيءَ ۾). عوام انهن کي ايتري ته موٽ ڏني جو سالن صدين کان سياست ڪندڙ، گادي نشين، وڏا وڏا نالا هارائي ويا….ڪجهه وَٽَ کوٽا، ڪجهه ڪاڻ تارازيءَ ۾، هو کٽي ويا (پوءِ باقي بچيل (هارايل وڏيرن) نانگن کي به آهستي آهستي اندر داخل ڪيو ويو جن ان هار جي انتقام طور اڄ تائين سنڌي عوام کي ساهه کڻڻ ڪونه ڏنو آهي، هاڻي ته کلم کلا چئي رهيا آهن ته اوهان ووٽ بي نظير/ڀٽي جي نالي ڏنا آهن ڪم ڪار لاءِ انهن سان وڃي ڳالهايو)

تمام گهڻو پوءِ عوام اهو سمجهڻ شروع ڪيو ته هي هار آهن يا اهي ئي نانگ جن اسان جي ابن ڏاڏن کان اسان کي ڏنگيو هو. اصل ۾ ڏٺو وڃي ته 1988 واري هار جو عيوض ڀريندڙ آهي اڄ تائين جي سنڌ جنهن جي هر گهٽي ويران قبرستان بڻائي ويئي آهي. هي سڀ سمجهن ٿا ته ماڻهو ڪهڙي نعري هيٺ ڪسجڻ لاءِ تيار آهن پوءِ اهو طرف کڻن ٿا يا وري ڪو بائنڊنگ فورس (ڳنڍيندڙ طاقت) کان ڪي فرمان جاري ٿين ٿا ۽ هي ڊڪي ڊوڙي سهڪندا اچي هڪ جاءِ گڏ ٿين ٿا (جتي ضمير فروشيءَ جا مقابلا ٿين ٿا) جيڪڏهن ڪو دير مدار ڪري ٿو ته اتي ويٺل (اڳ موجود) انهن جي جاءِ بلڪل ائين رکن ٿا جيئن اسين ويگن/بس ۾ انگوشو رکي جاءِ والاريندا آهيون.

هاڻي وري اليڪشني موسم آهي هن ڀيري خاص نشاني تي پيپلز پارٽي آهي (هجڻ به گهرجي) پر ڏٺو وڃي ته پيپلز پارٽي ڪجهه ڪونه ڪيو آهي، سموري سنڌ ۾ نظرجندڙ تباهي هن جي ڏنل آهي ته باقي وڏيرن ڇا ڏنو آهي؟ ڀلا جيڪڏهن پيپلز پارٽي هارائي ته کٽندڙ ته وري به وڏيرا ئي هوندا جيڪي وري تباهيءَ کان سواءِ ڪجهه ڪونه ڏيندا…. ماڻهو ته اٽڪل ساڳيا ئي آهن هر پارٽيءَ ۾، هر وڏيري جو سياسي شجرو کڻو..پي پي، مسلم ليگ، وري پي پي، وري ڪا نه ڪا ليگ….. صرف اهي مختلف نعرن ۽ مختلف پارٽين ۾ ويهي ڪم اهو ئي ساڳيو ”ماڻهو مارڻ“ پيا ڪن. هوچي منهه چيو هو ته وڏيرو هر روپ ۾ خطرناڪ آهي پر هن جو سڀ کان خوفناڪ روپ اهو آهي جڏهن هو اوهان جي پارٽيءَ ۾ شامل هجي.

نيٺ ڇا ڪجي؟

ان جو جواب اڄ معاشرو پاڻ ڏيئي رهيو آهي. سنڌ مان کنڀي گم ڪيلن جون نياڻيون اڄ قيادت ڪري رهيون آهن. هي نياڻيون آڳ جي صورت وٺي، هر هڪ جا در کڙڪائي، رهيون آهن. هي جنهن نموني پنهنجو ڪيس وڙهي رهيون آهن ائين اڳ ڪڏهن ڪونه ٿيو آهي. سنڌ جي تمام وڏي دماغ رسول بخش پليجي جي لاڏاڻي وقت نياڻين/عورتن جيڪو ڪردار نڀايو اهو اشارا ڪري رهيو آهي ته، سنڌ بدلجي پيئي. ٻيو ته سنڌ جي ڪيترن اليڪشني تڪن تي ڪي سر ڦريا نوجوان تمام وڏن يعني پراڻن ۽ کک سياستدانن خلاف ٿي بيٺا آهن. شروعات اتان ئي ٿيندي آهي. سنڌ جا ماڻهو هر پارٽيءَ مان بيزار ٿي چڪا آهن. هر شهر مان لٽيرن جي رستا روڪ جون خبرون اچن ٿيون اهي نفرتون اندر ۾ هڪ خوف تحت دٻيل آهن ڇو ته هنن درنده صفت انسانن اهڙا ماحول ٺاهيا آهن غنڊن جي زور تي. سنڌ جي رهواسين کي انهن سڀني ڦورن کي هڪ ئي نظر سان ڏسڻو پوندو. نوجوان پڙهيل قيادت جا هٿ مضبوط ڪرڻا پوندا…تڏهن ئي ڪي چڱاين جا سج اڀاري سگهبا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڊيم جا متبادل

سنڌيڪار: انجنئير موهن ٺاڪر "پيٽرڪ مکولي، جيڪو برطانيا جي  بين الاقوامي درياهن جي هڪ نيٽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے