21 جمعو , سيپٽمبر 2018

ابراج گروپ جي واپسيءَ جي جنگ

اڪرام سهگل

ابراج گروپ“ ترقي پذير دنيا ۾ نجي سرمائيڪاريءَ جي ڏس ۾ هڪ انتهائي قابل اعتبار گروپ تصور ڪيو وڃي ٿو، اهڙي معتبر اداري خلاف سندس ئي شراڪتدارن ۽ سيڙپڪارن جي فنڊن جي غلط استعمال متعلق مارڪيٽ ۾ جيڪي خبرون اچي رهيون آهن اهي سرمائيڪارن لاءِ انتهائي پريشان ڪندڙ ثابت ٿي رهيون آهن. ابراج جي ڪجهه سيڙپڪارن پاران، سيڙپڪارن جي فنڊن جي غلط استعمال متعلق آيل خبرن بعد اهو سڄو معاملو پيدا ٿيو آهي، اهڙن الزامن بعد ابراج گروپ جي انتظاميه ايتري قدر ته مجبور ٿي وئي آهي جو ان ڪيمين ٻيٽن جي عدالت ۾ رضاڪاراڻه طور تي ( Provisional Liquidation )  متعلق درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي. درخواست داخل ڪرائڻ جو مقصد اهو آهي ته جيئن عدالتي نگرانيءَ ۾ ابراج گروپ جي نئين سر تنظيم ڪاري ٿي سگهي، ابراج گروپ ۾ سيڙپڪاري ڪندڙن سان ڳاليهون ٿي سگهنديون، ۽ ضرورت پئي ته گروپ جون ملڪيتون وڪڻي انهن کي سندن حصي جا پئسا واپس ڪري سگهبا. جڏهن ته ڪمپنيءَ کي اها اميد به آهي ته عدالت ۾ ڪمپنيءَ خلاف جيڪا درخواست داخل ٿيل آهي ان جي جواب لاءِ پڻ ڪمپنيءَ کي مهلت ملي سگهندي.

ابراج گروپ جيڪا درخواست داخل ڪئي آهي ان جي وسيلي ابراج گروپ جي انتظاميه کي پنهنجي ايڪوٽي ميمبرن سان ڳالهيون جاري رکڻ، فنڊ مينيجمينٽ، آپريشنزجي ڊيل ۽ هيلٿ ڪيئر لاءِ مخصوص ڪيل انهن هڪ ملين ڊالرز جي رقم وارو معاملي پڻ حل ڪرڻ جو موقعو ملي ويندو جيڪا رقم اصل ۾ سڄي معاملي جو سبب ثابت ٿي آهي. ابراج جي داخل ڪيل درخواست کي ڪمپنيءَ سان ڏيتي ليتي ڪندڙن مکيه ڪاروباري ڌرين جي جي حمايت حاصل رهي آهي جن ئي ( Provisional Liquidation )  جي خواهش جو اظهار ڪيو هو ته جيئن ڪمپنيءَ جي نيئن سر تشڪيل موضوع ۽ مناسب نموني ڪئي وڃي جيڪا اداري سان لاڳاپيل سمورن ماڻهن ۽ کاتيدارن جي فائدي ۽ حق ۾ هُجي.

هتي اها ڳالهه انتهائي اهم آهي ته ابراج گروپ تي هيلٿ ڪيئر جي شعبي لاءِ رکيل هڪ ملين ڊالرز جي رقم ۾ هير ڦير جا الزامن لڳڻ بعد ابراج گروپ فوري طوري تي هيلٿ ڪيئر فنڊن جي شعبي ۾ آڊٽ جي مهارت رکندڙ بين الاقومي آڊٽ ڪمپني  KPMG  جون خدمتون حاصل ڪري ورتيون. ابراج جو موقف آهي ته KPMG  کي پنهنجي آڊٽ دوران ڪنهن به مالي بدعنوانيءَ جو ثوت نه مليو آهي، جڏهن ته فنڊن مان حاصل ڪيل سموري رقم جي سرمائيڪاري ڪئي وئي هُئي ۽ فنڊن جو غير استعمال ٿيندڙ حصو سرمائيڪارن کي واپس ڪيو ويو هو.

ڪيمين ٻيٽن جي عدالت ۾ ابراج پاران اهم ترين درخواست داخل ڪرڻ متعلق ابراج جي بورڊ آف چيئرمين سين ايم ڪليري جو چوڻ آهي ته، “ هي لمهو ابراج سان لاڳاپيل سمورن ميمبرن لاءِ هڪ اهم لمحو آهي ۽ مان انهن سمورن سيڙپڪارن ۽ سرمائيڪارن جو ٿورائتو آهيان جن هن شاندار ڪمپنيءَ ۾ سيڙپڪاري ڪري ان کي جوڙيو، خاص ڪري ابراج جي اها ٽيم جيڪا گذريل پنجن مهينن کان سخت مشڪلاتن ۽ تڪليفن کي منهن ڏئي رهي آهي، هُن وڌيڪ چيو ته عدالت جي سهڪار بعد هاڻي صورتحال ڪافي بهتر ٿي آهي ۽ اسان مستقبل طرف پيش قدمي ڪندي اعتماد جي بحاليءَ جو ڪم ڪري رهيا آهيو”،

18- جون 2018ع تي عدالت پي ڊبليو سي جي فنانس ۽ ريڪوري لميٽڊ جي سيمن ڪون وي ۽ پرائز واٽر هائوس ڪاپر جي مائيڪل جيروس ۽ محمد فرزادي کي ڏيوالي پڻي ۽ تنظيم نو جي حوالي سان ابراج گروپ جي سيڙپڪارن ۽ شراڪتدارن وچ ۾ ٽياڪڙ ( JPLs ) مقرر ڪيو ويو آهي. جڏهن ته ڪورٽ جو نوٽس اها ڳالهه يقيني بڻائي ٿو ته جيستائين اداري ۽ سيڙپڪارن جي نئين سري سان تنظيم ڪاري نه ٿي ٿئي تيستائين عدالت اسٽيڪ هولڊرز جي مفادن جو تحفظ ڪندي رهندي.

انهي حوالي سان ڪيمين ٻيٽن جي عدالت ۾ رضاڪاراڻي نموني provisional liquidation لاءِ درخواست داخل ڪرائڻ ابراج گروپ جو مناسب ۽ دانشمنداڻو قدم هو جنهن بعد سيڙپڪارن ۽ شراڪتدارن جي مفادن جي تحفظ جي ڪا صورت پيدا ٿي سگهي آهي.

ابراج انويسٽمينٽ مينيجمينٽ لميٽڊ پاران  Deloitte  سان لاڳاپيل ڊيوڊ سوڊن ۽ اسٽورٽ سيبر کي  JPLs طور مقرر ڪرڻ واري عمل کي به بعد ۾ عدالت ۾ چيلينج ڪيو ويو جيڪا درخواست پڻ عدالت منظور ڪري ورتي آهي. ان فيصلي بعد ابراج جي شيئر هولڊرز ۽ ابراج انويسٽمينٽ مينيجمينٽ لميٽيڊ کي اهو موقع ميسر ٿي ويو آهي ته عدالت جي نگرانيءَ ۾ پنهنجي سيڙپڪارن جي مفادن جي تشڪيل لاءِ اداري جي نئين سري سان تشڪيل ڪرڻ واري مرحلي جي شروعات ڪري سگهن. اهم ترين ڳالهه اها آهي ته اهڙو عمل روزاني بنيادن تي جاري آپريشنز تي معمولي طور تي اثر انداز ٿيندو.

ابراج هولڊنگز جي مالياتي ۽ تنظيمي معاملن جي مشير Houlihan Lokey  جي مينيجنگ ڊائريڪٽر ارون ريڊي جو ان ڏس ۾ چوڻ آهي ته، “ مون کي خوشي آهي ته اسان پنهنجي اسٽيڪ هولڊرز جي تعاون سان ان نتيجي کي حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيا آهيون. عدالت جي نگرانيءَ ۾ ٿيندڙ اداري جي نيئن سر تشڪيل واري عمل سان ادارو پنهنجيون ذميواريون نيئن سر سرانجام ڏيڻ ۾ پنهنجو موثر ڪردار ادا ڪري سگهندو ۽ ابراج انويسٽمينٽ ليمٽڊ سميت  سمورن سرمائيڪارن کي اطمينان بخش سهولتڪاريءُ واريون سهولتون فراهم ڪري سگهبيو. ڪمپنيءَ جي اڄ به اها ترجيح آهي ته پنهنجي سيڙپڪارن جو استحڪام يقيني بڻائي انهن جي سرمائي جو قدر ڪري”. عدالت JPLs کي ابراج هولڊنگز ليميٽڊ ۽ ان جي مشيرن جي صلاح مشوري سان ڪمپنيءَ جي مالي ذميوارين جي نئين سري سان تنظيم ڪرڻ جا اختيار ڏنا آهن. ڪورٽ جا اختيار ٽياڪڙن کي ابراج هولڊنگز جي حفاظت ۽ انتظامن لاءِ وسيع ترين اختيار ڏنا آهن ۽ ڪورٽ جا اهڙا حڪم پڻ انهن ٽياڪڙن کي مظبوط بڻائن ٿا ۽ کين اختيار ڏين ٿا، بورڊ ۽ ان جي انتظامي سرگرمين جي نگران ٿيڻ سان ان ڳالهه کي يقيني بڻائي سگهجي ٿو ته سيڙپڪارن جي رقم وڌ کان وڌ واپس ٿئي. ياد رهي ته  ابراج هولڊنگس لميٽيڊ جي لين دارن ان ڏس ۾ پنهنجي مڪمل تعاون جو يقين ڏياريو آهي ته جيئن گڏيل نموني ٽياڪڙ ڪمپني جي انتظاميه هيٺ اداري جي تنظيم کي نيئن سري سان تشڪيل ڏئي ان مرحلي کي موثر انداز ۾ مڪمل بڻائي سگهجي، ڇو جو اهو ئي عمل سمورن لاڳاپيل ماڻهن جي مفاد ۾ آهي.

مائيڪل جروسِ، جيڪو پرائس واٽر هائوس ڪوپرز ( PwC )   مين نئين سر تنظيم ۽ ڏيوالپڻي جي معاملن ۾ پارٽنر آهي ۽ جيڪپ ابراج هولڊنگز جي لاءِ  JPLs ٽياڪڙ جي طور تي مقرر ڪيو ويو هو ان جو پنهنجي مقرريءَ جي حوالي سان چوڻ آهي ته، “ اسان جو ڪم ابراج گروپ جي منظم انداز ۾ نئين سر تشڪيل ڪرڻ آهي، ڪمپنيءَ جي اثاثن جي حفاظت ۽ ان کي يقيني بنائڻ آهي ته قرض وٺندڙن، ملازمن ۽ اسٽيڪ هولڊرن جي مفادن جو ڀرپور نموني تحفظ ڪيو وڃي. اهو عدالتي حڪم ڪمپنيءَ کي موثر انداز ۾ هڪ مستحڪم صورت حال طرف وٺي ويندو جتي منصوبن جي نيئن سري سان تشڪيل ۽ ملڪيتن جي وڪري واري عمل کي محفوظ ۽ مستحڪم ماحول ۾ يقيني بنائي سگهبو. مالياتي ۽ ڪارپوريٽ ادارن جي عالمي سطح تي نيئن سر تشڪيل ڪرڻ واري تجربي کي مدنظر رکي اهو چئي سگهجي ٿو ته  (PwC)   جي چونڊ ڪمپنيءَ ۾ شريڪ ماڻهن لاءِ اطمينان وارا نتيجا فراهم ڪرڻ جي ڏس ۾ انتهائي موزون ثابت ٿيندي ۽ اهڙي عمل لاءِ ئي فوري طور تي شروعات ڪئي پئي وڃي”.

عارف نقوي عدالت ۾ پنهنجي رضاڪاراڻي درخواست جي منظور ٿيڻ تي مطمئن آهي، هُن چيو هو، “ اسان ان نتيجي تي تمام گهڻا خوش آهيو ۽ عدالت جا شڪر گذار آهيون ته عدالت ان ڏس ۾ سنجيدگيءَ سان غور ڪيو ۽ مثبت فيصلو ڪيو. اهو فيصلو ابراج جي انهيءَ پوزيشن جي تصديق ڪري ٿي جيڪا پوزيشن ابراج مستقل قائم رکڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. گڏيل طور تي انتهائي ماهر ٽياڪڙي ڪندڙ ٽيم جي رهنمائيءَ ۾ هڪ منظم ۽ نيئن سر تشڪيل واري عمل کي ان جي سيڙپڪارن لاءِ نتيجا خيز بڻائي سگهندي. جنهن جي لاءِ سموريون ڪوششون ڪري رهيا آهيون. اسان ان عمل ذريعي ٽياڪڙن JPLs سان تعاون ڪرڻ لاءِ پوريءَ طرح سان تيار آهيون ته جيئن سمورن سيڙپڪارن لاءِ ۽ انهن جي منافعي جي قدر ۾ وڌ ۾ وڌ اضافي ۽ ان جي استحڪام کي يقيني بڻائي سگهون”.

اداري جي نيئن سر تشڪيل واري عمل ۾ ڪجهه مهينا لڳندا، عارف نقوي سمورن اسٽيڪ هولڊرن لاءِ ممڪن حد تائين بهترين نتيجا حاصل ڪرڻ واري عمل کي يقيني بنائڻ لاءِ منظم نموني سان جاري رکڻ لاءِ جيڪو وعدو ڪيو آهي. ابراج گروپ کي حقيقيت جو روپ اختيار ڪندي هاڻي سورنهن سال مڪمل ٿيا آهن اهو سفر مثبت نموني انهيءَ اثر جي عڪاسي ڪري ٿو جيڪو ابراج گروپ مارڪيٽ ۾ پنهنجي خدمتن ذريعي قائم ڪيو آهي. انهيءَ ڏس ۾ اطمينان جهڙي ڳالهه اها آهي ته  BCCI  جي ابتڙ جيڪا  زوال جو شڪار ٿي وئي پر ابراج گروپ پنهنجي پيرن تي بيٺو آهي. جيڪڏهن آغا حسن عابدي به انهيءَ سانحي جي وقت عارف نقوي وانگر زنده هُجي ها ته اڄ شايد BCCI به ماضيءَ وانگر هڪ شاندار بينڪ هُجي ها.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڊيم جا متبادل

سنڌيڪار: انجنئير موهن ٺاڪر "پيٽرڪ مکولي، جيڪو برطانيا جي  بين الاقوامي درياهن جي هڪ نيٽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے