18 اربع , جولاءِ 2018

فٽبال ورلڊ ڪپ: ايراني عورتن کي ميچ ڏسڻ جي آزادي ملي وئي، نئين تاريخ رقم

تهران(ويب ڊيسڪ) ايران جي فٽبال ٽيم اربع جي رات اسپين جي هٿان شڪست کاڌي پر ايراني عورتن هن وقت تاريخ رقم ڪري ڇڏي جڏهن ته کين 1979ع کان پوءِ پهريون ڀيرو پنهنجي قومي ٽيم کي کيڏندي ڏسڻ لاءِ تهران جي هڪ اسٽيڊيم ۾ وڃڻ جي اجازت ملي. ايران ۾ ڪيترن ئي ڏهاڪن کان عورتن کي راندين جا مقابلا ڏسڻ جي لاءِ اسٽيڊيم ۾ وڃڻ کان روڪيو ويندو رهيو آهي. پر هاڻ پهريون ڀيرو ايران ۾ ان حوالي سان قانون کي نرم ڪندي مردن ۽ عورتن ٻنهي کي گڏيل طور تي تهران جي آزادي اسٽيڊيم ۾ ايراني ٽيم جي ميچ وڏي اسڪرين تي ڏيکارڻ جي اجازت ڏني وئي آهي. ان حوالي سان ڊرامو ان وقت نظر آيو جڏهن سيڪيورٽي اهلڪارن اسٽيڊيم جا دروازا بند ڪري ڇڏيا پر پوءِ گهرو وزير مداخلت ڪندي عورتن کي اندر وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. ايراني ٽيم جي ڪپتان ورلڊ ڪپ ۾ ڪواليفائي ڪرڻ بعد چيو هو ته هو تبديلي جو حامي آهي مستقبل ۾ عورتن کي اسٽيڊيم ۾ اچڻ جي اجازت ڏيڻ گهرجي. اسپين هٿان شڪست  جي باوجود ايران وٽ ٽورنامنٽ جي ايندڙ مرحلي ۾ وڃڻ جو موقعو موجود آهي، ڇر ان جي لاءِ کيس 25 جون تي پرتگال کي شڪست ڏيڻي پوندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

The 100-year anniversary of Nelson Mandela's sign of racist struggle in South Africa

ڏکڻ آفريڪا ۾ نسل پرستي خلاف جدوجهد جي علامت نيلسن منڊيلا  جي 100 هين سالگرهه

جوهانسبرگ(ويب ڊيسڪ) ڏکڻ آفريڪا ۾ نسل پرستي خلاف جدوجهد جي علامت نيلسن منڊيلا  جي 100 …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے