21 جمعو , سيپٽمبر 2018

شهباز شريف ۽ حمزا شهباز جي اثاثن جا تفصيل به سامهون اچي ويا

In the case of Chief Justice, Hamza Sharif, including six cases, entered the caseلاهور ( ويب ڊيسڪ ) مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف ۽ سندس پٽ حمزا شهباز جي نامزدگي ڪاغذن ۾ ظاهر ڪيل اثاثن جا تفصيل سامهون اچي ويا آهن. اڳوڻي پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف نامزدگي ڪاغذن ۾ پنهنجي اثاثن جي ماليت 15 ڪروڙ رپيه ظاهر ڪئي آهي، جڏهن ته سندس بئنڪ اڪائونٽس ۾ مجموعي طور هڪ ڪروڙ 14 لک رپيه ظاهر ڪيا ويا آهن. دستاويزن موجب شهباز شريف مري هال روڊ تي هڪ ڪنال 9 مرلي جي گهر جي قيمت 34 هزار رپيه ظاهر ڪئي جڏهن ته ساڳي هنڌ هڪ بنگلي نمبر 54 سي جي قيمت 27 هزار رپيه ظاهر ڪئي آهي. شهباز شريف شيخو پوره ۾ 88 ڪنال زمين والده طرفان تحفو ظاهر ڪئي، جڏهن ته لاهور ۾ 568 ڪنال تي الڳ الڳ ملڪيتون امڙ طرفان تحفو ظاهر ڪيون ويون. دستاويزن موجب شهباز شريف لنڊن ۾ ٽن الڳ الڳ ملڪيتن جي مجموعي قيمت 12 ڪروڙ 61 رپيه ظاهر ڪئي ۽ هن حديبيا انجنيئرنگ ملز، حمزا اسپننگ ملز ۽ حديبيا پيپر ملز ۾ به شيئر ظاهر ڪيا.  دستاويزن موجب شهباز شريف پنهنجون 2 زالون نصرت شهباز ۽ تهمينا دراني ڪاغذن ۾ بيان ڪيون آهن. مسلم ليگ ن جي اڳواڻ حمزا شهباز پنهنجي نامزدگي ڪاغذن ۾ 43 لک 70 هزار رپين جو بئنڪ بيلنس ظاهر ڪيو آهي، جڏهن ته هو 155 ڪنال ايراضي جو مالڪ آهي. دستاويزن موجب حمزا شهباز وٽ 16 لک 88 هزار رپين جا پرائز بانڊ آهن ۽ هو 21 مختلف ملن ۾ شيئر هولڊر آهي. حمزا شهباز شريف جي دستاويزن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سندس استعمال هيٺ ڪابه ذاتي گاڏي ناهي، هن 2 زالون رابعا ۽ مهر النساءَ نامزدگي ڪاغذن ۾ ظاهر ڪيون آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار طرفان سيف سٽي جو دورو، سڪيورٽي تي اطمينان جو اظهار

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار سيف سٽي اٿارٽي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے