18 اربع , جولاءِ 2018

مريم نواز پنهنجي ڪروڙين رپين جي ملڪيت ۽ اثاثا ظاهر ڪري ڇڏيا

لاهور(ويب ڊيسڪ) مريم نواز جي اثاثن جي تفصيل سامهون اچي وئي جنهن موجب مريم نواز وٽ ڪروڙين رپين جي ملڪيت آهي. اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جي ڌيءَ مريم نواز طرفان جمع ڪرايل نامزدگي وارن ڪغذن ۾ اثاثن جي تفصيل منظر تي اچي وئي آهي جنهن موجب مريم نواز چوڌري شگر ملن، حديبيه پيپر ملز، حديبيه انجنيئرنگ پرائيويٽ لميٽڊ، حمزه اسپننگ ملز ۽ محمد بخش ٽيڪسٽائل ملز سميت پنج ملن جي شيئر هولڊر آهي، ان کان سواءِ مريم نواز پاڪستان ۾ 1506 ڪنال هڪ مرلي زرعي زمين جي مالڪڻ آهي جڏهن ته هن پنهنجي تعمير هيٺ فلور مل ۾ 34 لک 62 هزار جي سيڙپڪاري ڪري رکي آهي. مريم نواز سوفٽ انرجي پرائيويٽ لميٽڊ کي 70 لک رپيا بطور قرض ڏئي رکيا آهن، مريم نواز کي 4 ڪروڙ 92 لک رپين جا گفٽ مليا آهن، مريم نواز وٽ ساڍا 17 لک رپين جا زيور آهن جڏهن ته مريم نواز پنهنجي ڀاءُ حسن نواز جي 2 ڪروڙ 89 لک جي قرضي آهي، گذريل ٽن سالن ۾ سندس زرعي زمين ۾ 548 ڪنال جو اضافو ٿيو آهي جڏهن ته مريمنواز 3 ورهين ۾ 64 لک رپين جا پرڏيهي دور  ڪيا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Indian Foreign Minister rejected the Indian objection report on the United States

گڏيل قومن ڪشمير رپورٽ تي ڀارتي اعتراض رد ڪري ڇڏيا: پرڏيهي آفيس

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان والاريل ڪشمير ۾ ڀارت طرفان انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين بابت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے