21 خميس , جون 2018

اليڪشن ڪميشن طرفان فاروق ستار کان پرڏيهه موڪليل رقم بابت جواب طلب

MQM will protest against the statement of Chief Minister todayاسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اليڪشن ڪميشن ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سربراهه فاروق ستار کان پرڏيهه رقم موڪلڻ تي جواب طلب ڪري ورتو آهي. اليڪشن ڪميشن اسلام آباد ۾ ايم ڪيو ايم پاڪستان خلاف پرڏيهه رقم موڪلڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي وئي. درخواستگذار آفتاب عارف عارف صديقي موقف اختيار ڪيو ته سن چيريٽي لنڊن کي پاڪستان مان ڏيڍ ڪروڙ رپين جي رقم منتقل ڪئي وئي، لنڊن موڪليل رق، کي ايم ڪيو ايم پاڪستان پارٽي اثاثن ۾ ظاهر نه ڪيو. اليڪشن ڪميشن ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سربراهه فاروق ستار کان پرڏيهه رقم موڪلڻ تي جواب طلب ڪري ورتو. درخواست جي وڌيڪ ٻڌڻي 28 جون تي ٿيندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پشاور ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي 19 سيٽن تي 287 اميدوار ڪليئر

پشاور (ويب ڊيسڪ) پشاور ۾ پنج قومي  ۽ 14  صوبائي  اسيمبلي  جي سيٽن لاءِ  287 …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے