18 ڇنڇر , آگسٽ 2018

نيوز: گهوٽڪي: سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي سيشن جج پارنا صحت مرڪز جو دورو

Ghotki: Visits of Session Judge Parent Health Centers on High Court orderگهوٽڪي ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي سيشن جج صحت مرڪز جو دوري ڪري انتظامن جو جائزو ورتو.

اسپتال ۾ دوائن ۽ ٻين سهولتن جي کوٽ بابت عوامي آواز جي خبر تي سنڌ هاءِ ڪورٽ نوٽيس ورتو، جنهن بعد گهوٽڪي ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي سيشن جج صحت مرڪز جو دوري ڪري جائزو ورتو.

سيشن جج شرف الدين شاهه ۽ ڊي ايڇ او صحت مرڪز پنهون خان مزاري جو دورو ڪري انتظامن جائزو ورتو.

دوري دوران سيشن جج کي علائقي واسين ۽ مريضن شڪايتن جا ڍير لڳائي ڇڏيا، سيشن جج غير حاضر رهندڙ عملي کي معطل ڪري ضلعي ڊاڪٽر کي رپورٽ ڏيڻ جو حڪم ڏنو.

 پي پي ايڇ آءِ جي ضلعي ڊاڪٽر اعجاز احمد ڦل ۽ ايس او غلام حسين سيال کي ڇنڊ پٽيندي سيشن جج چيو ته رپورٽ ڏين، هو سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي کي پيش ڪندو………

هي به ڏسي سگهو ٿا

Nawabshah: protest for the demands of Steve Employees

نيوز: نوابشاهه : اسٽيوٽا ملازمن جو مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج

*نوابشاهه ۾ اسٽيوٽا ملازمن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. پريس ڪلب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے