18 ڇنڇر , آگسٽ 2018

ٽرمپ اتر ڪوريا جي اڳواڻ ڪم جانگ اُن سان طئي ٿيل ملاقات رد ڪري ڇڏي

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اتر ڪوريا جي اڳواڻ ڪم جانگ اُن سان طئي ٿيل ملاقات رد ڪري ڇڏيو. وائٽ هائوس طرفان اُهو خط جاري ڪيو ويو جيڪو ڊونلڊ ٽرمپ اتر ڪوريا جي اڳواڻ ڪم جانگ اُن کي لکيو. خط موجب آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اتر ڪوريا جي اڳواڻ ڪم جانگ اُن سان ملاقات اهو چئي رد ڪري ڇڏي ته ملاقات لاءِ هي وقت مناسب ناهي. ڊونلڊ ٽرمپ ان ڳالهه جي تصديق ڪئي ته اتر ڪورين اڳواڻ سان 12 جون تي سنگاپور ۾ جيڪا ملاقات ٿيڻي هئي هاڻ اُها نه ٿيندي. وائٽ هائوس موجب ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته هو ڪنهن ٻئي وقت ڪم جانگ اُن سان ملاقات جي لاءِ پراميد آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گڏيل قومن جو اڳوڻي جنرل سيڪريٽري ڪوفي عنان لاڏاڻو ڪري ويو

نيويارڪ(ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن جو اڳوڻو جنرل سيڪريٽري ۽ نوبيل انعام ماڻيندڙ ڪوفي عنان 80 …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے