18 سومر , جون 2018

مريم نواز جي ڪٺهڙي ۾ هئڻ جو ذميوار نواز شريف آهي: مولا بخش چانڊيو

لاهور(ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي اڳواڻ مولا بخش چانڊيو جو چوڻ آهي ته جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اُهو نواز شريف جو پنهنجو ڪيل آهي، مريم نواز جي ڪٺهڙي ۾ هئڻ جو ذميوار نواز شريف آهي، نواز شريف اڃان به وقت آهي توهان وڃي محترمه شهيد جي قبر تي معافي گهرو. تفصيل موجب لاهور ۾ پيپلز پارٽي جي اڳواڻ مولا بخش چانڊئي نواز شريف جي بيان تي رد عمل جو اظهار ڪندي چيو ته نواز شريف جيڪو پوکيو اُهو اڃان لڻيو به ناهي، جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اُهو نواز شريف جو پنهنجو ڪيل آهي. مولا بخش چانڊئي جو چوڻ هو ته مريم نواز جي ڪٺهڙي ۾ هئڻ جو ذميوار نواز شريف آهي، ميان صاحب انتقام جو وقت وساري ويٺو هو بينظير به ڪنهن جي ڌيءَ هئي، نصرت ڀٽو تي ڪيس داخل ڪرائيندي وقت هنن کي خيال ڇو نه آيو.  پ پ اڳواڻ چيو ته ميان صاحب پنهنجي ٻارن کي ڪرپشن لڪائڻ جي لاءِ ڦاسايو، نواز شريف هاڻ به وقت آهي محترمه شهيد جي قبر تي وڃو ۽ آصف زرداري کان معافي گهرو. هن چيو ته ميان صاحب قوم جي سامهون پنهنجي ڏوهه جو اعتراف ڪري.

هي به ڏسي سگهو ٿا

The decision to change women's list of reserved seats by the PTI

پي ٽي آءِ طرفان عورتن جي مخصوص سيٽن جي لسٽ تبديل ڪرڻ جو فيصلو

 اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف عورتن جي مخصوص سيٽن جي لسٽ تبديل ڪرڻ جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے