18 ڇنڇر , آگسٽ 2018

ڀارت اڳتي وڌي رهيو آهي، ان ۾ اسان جون خاميون آهن:شهباز شريف

لاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف چيو آهي ته نيب جي سبب ماڻهون خوف ۾ ورتل آهن،  سٺا صاف ماڻهون به ڊڄي ويا آهن ۽ انهن ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي جنهن سبب ڪم جي رفتار ۾ فرق پيو. تفصيل موجب شهباز شريف پنهنجي بيان ۾ چيو ته اسان لوڊشيڊنگ تي مڪمل قابو حاصل ڪري ورتو آهي، اسان سسٽم ۾ 10 هزار ميگاواٽ بجلي جو اضافو ڪيو ، بجلي جي گهرج ۽ فراهمي اڄ ڪو به فرق ناهي، شهباز شريف چيو ته ڀارت اسان کي ميري اک سان نٿو ڏسي سگهي، جيڪڏهن هو معاشي طور تي اسان کان اڳتي وڌي رهيو آهي ته ان ۾ اسان جون خاميون آهن، پنجاب جي وڏي وزير چيو ته نيب جي سبب سٺا ۽ بهترين ماڻهون به خوف ۾ وڪوڙجي ويا ۽ انهن ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي، ماڻهون نيب کان ڊنل آهن، ۽ ڪم جي رفتار ۾ فرق پيو آهي، نگران وڏي وزير بابت پڇيل سوال جي جواب تي هن چيو ته نگران وڏي وزير لاءِ صلاح مشورا جاري آهن، جلد ڪنهن حتمي نالي جو اعلان ڪنداسين.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نوجوت سنگهه سڌو جنرل قمر جاويد باجوه جو مداح بڻجي ويو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ڀارت جو اڳوڻو ڪرڪيٽر نوجوت سنگهه سڌو هڪ ملاقات …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے