19 آچر , آگسٽ 2018

آبهوائي تبديلي ۽ ماڻهو مار گرميءَ کان ڪيئن بچي سگهجي ٿو

دنيا اندر گذريل چند سالن ۾ جيڪي آبهوائي تبديليون آيون آهن، تن جي اثرن کان دنيا جو اسان وارو خطو به محفوظ ناهي رهي سگهيو. دنيا آبهوائي تبديلين جي ناڪاري اثرن کان پنهنجي شهرين کي محفوظ رکڻ لاءِ هنگامي بنيادن تي پلاننگ ڪئي پر اسان جي ملڪ ۾ جيئن ته ڊگهي مدي جي رٿابندي جو سري کان رواج ئي ناهي، تنهن ڪري گذريل ٻن ٽن سالن کان گرمين ۾ جيڪا شدت آئي آهي، تنهن کي منهن ڏيڻ لاءِ به وقتي پاليسين ۽ ماڻهن کي گرميءَ کان بچڻ لاءِ احتياطي اپائن جي منشورن تي ئي ڪم هلايو پئي ويندو رهيو آهي. پاڪستان هر سال چئن مندن مان گذري ٿو، يعني سيارو، ساوڻ، بهار ۽ سرءُ انهن مندن ۾ سانوڻيءَ واري مند شديد گرمي واري مند آهي، جنهن جي اثر هيٺ هر سال ملڪ جا اڪثر علائقا ايندا رهندا آهن. سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي جيئن ته سمنڊ ڪناري واقع شهر آهي، تنهن ڪري ملڪ جي ٻين حصن ۾ جڏهن ماڻهو سنگين گرمين کي ڀوڳي رهيا هوندا آهن ته ڪراچيءَ جا شهري جهڙالي ۽ بونداباري واري موسم جو مزو وٺي رهيا هوندا آهن پر گذريل چئن سالن ۾ دنيا اندر  جيڪي آبهوائي ۽ موسمي تبديليون آيون آهن، ڪراچي شهر انهن جي اثرن کان بچي ناهي سگهيو ۽ اهڙي ڪاڙهي جهڙي گرمي ڀوڳي رهيو آهي، جهڙي سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ ڀوڳي ويندي آهي.

سنڌ جا ماڻهو ان ڪري به گرمين جا هيراڪ پئي رهيا آهن جو هر سال سانوڻيءَ جي مند شروع ٿيندي ئي گرميون ٿي وينديون آهن، لڪ لڳندي آهي ۽ ان لڪ ۾ سارين جا رونبا به هلندا رهندا آهن ته ڦٽين جا ريج به ٿيندا رهندا آهن، پاڻي ججهو هئڻ ڪري مارو ماڻهو تڙڳڻ جو مزو به وٺندا ۽ گرميءَ جي شدت به گهٽائيندا رهيا آهن پر گذريل ڪجهه سالن کان صورتحال ان ڪري به ڳنڀير ٿي وئي آهي جو هڪ ته گرميون معمول کان وڌيون آهن ۽ ٻيو ته گهربل مقدار ۾ پاڻي ميسر ڪونهي، اهي شديد گرميون جيڪي لاڙڪاڻي، جيڪب آباد، نواب شاهه ۽ سکر ضلعن ۾ پونديون هيون، سي پير سوريندي اچي ڪراچي پهتيون آهن، جتي به جهولا پوڻ ۽ لڪ لڳڻ شروع ٿي وئي آهي.

چيو وڃي ٿو ته گرمين ۾ شدت دنيا اندر جيڪي آبهوائي تبديليون آيون آهن، تن جو نتيجو آهي، انهن تبديلين جي نتيجي ۾ برساتون به معمول کان گهٽ پوڻ شروع ٿيون آهن، جرُ گهٽجي ويو آهي، جنهن جي ڪري موسم وقت گذرڻ سان سخت کان سخت ٿيندي پئي وڃي ۽ وسيلا به محدود ٿيندا پيا وڃن.

ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته دنيا اندر جيڪي آبهوائي تبديلون آيون آهن، تن جا ناڪاري اثر هن خطي، ملڪ ۽ سنڌ تي به پيا آهن، پر اها به حقيقت آهي ته فطرت جي تحفظ ۾ اسان جي ناڪامي به هن  صورتحال جو سبب بڻي آهي. مثال طور سنڌ جو سڄو ڪچو ڪشمور کان ڪراچيءَ تائين گهاٽن ٻيلن تي مشتمل هوندو هو، دنيا ٻيلن جي جهنگلي جيوت ۽ آبي جيوت جي تحفظ لاءِ قدم کڻي ۽ ان جي ابتڙ اسان وري ٻيلا تباهه ڪرڻ وڻ وڍڻ، هٿ وٺي پاڻي وسيلن کي سوڙهو ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي آهي. هر سال جي ججها مينهن پون، ٻوڏ اچي نه ٿي سگهي ٿو ته ههڙي صورتحال نه هجي جنهن سان اڄ ڪلهه هي ملڪ ۽ سنڌ گذري رهي آهي.بدقسمتي جي ڳالهه ته هي آهي ته سنڌ ۾ جيڪي ٻيلا تباهه ٿيا آهن، تن جي شروعات خود رياست/حڪومت سنڌ مان ڌاڙيل ختم ڪرڻ جي نالي ۾ ڪئي.

سنڌ ۾ ڌاڙيل ڪلچر، ڪاپي ڪلچر، ڪلاشنڪوف ڪلچر ۽ هيروئن ڪلچر ضياءُ الحق جي آمريت جا سنڌ کي ڏنل تحفا هئا، اهي تحفا ذوالفقار علي ڀٽي جي ڦاهيءَ کان پوءِ سنڌ ۾ جيڪو مزاحمتي سياسي شعور ڦٽي نڪتو هو، تنهن کي ڪچلڻ لاءِ سنڌ جي  ڪنڌ ۾ وڌا ويا هئا، سنڌ جو ڪچو گهاٽن ٻيلن جي نعمت سان مالامال هو پر ڌاڙيلن کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪي متبادل اپاءَ اختيار ڪرڻ بدران ٻيلن کي تباهه ڪرڻ جي پاليسي اختيار ڪئي وئي، جنهن سان سنڌ جي فطري حسن ۽ جهنگلي جيوت کي ڪاپاري ڌڪ لڳو. ٻيلا وڍجڻ جي ڪري وڻ وڍي پئسا ڪمائڻ جو جيڪي لاڙو پيو، تنهن سنڌ ۾ روڊن، ڪئنالن، رستن تي ٻنين ٻارن ۽ گهرن گهاٽن ۾ جيڪي وڻ هئا تن کي وڍي نيست ۽ نابود ڪرڻ جو اهڙو رواج وڌو، جيڪو اڄ سوڌو ختم ٿيڻ جو نالو ئي نه ٿو وٺي.

چوڻ جو مطلب ته سنڌ کي آبهوائي ۽ موسمي هاڃن ۽ نقصان کان بچائڻ لاءِ وڌ ۾ وڌ وڻ پوکڻ جي پاليسي اختيار ڪري سگهجي ٿي، ان ڏس ۾ مقامي وڻن جهڙوڪ نم، پپر، ٽالهي، بڙ، باهڻ، لئي، ٻٻر وغيره کي هٿي وٺرائڻ جي ضرورت آهي، نه رڳو ايترو پر سرڪار کي به ٻيلي کاتي کي متحرڪ ڪندي جتي جتي ٻيلا تباهه ٿيا آهن، يا قبضي هيٺ ٿيا آهن، اتي ٻيلا پوکڻ جو عمل شروع ڪرڻ گهرجي، چيچڙن جي ڇٽائي ڪري جيڪي چوڪڙيون تباهه ڪيون ڪيون ويون آهن، سي وري بحال ڪرڻ گهرجن، نه رڳو ايترو پر اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا تي وڌ ۾ وڌ وڻ پوکڻ لاءِ ماڻهن ۾ جاڳرتا پيدا ڪرڻ جي مهم هلائن گهرجي، نه رڳو ٻيلا بحال ڪجن پر اسڪولن، اسپتالن، ڪاليجن، يونيورسٽين، واهن ۽ ڪئنالن جي ڪنارن، روڊ رستن جي وٽ سان گهرن ۽ اوطاقن ۾ وڌ ۾ وڌ وڻ پوکڻ جي مهم هلائي سنڌ ۾ آبهوائي ۽ موسمي تبديليءَ کي ڌرتي ۽ ڌرتي تي رهندڙ ماڻهن لاءِ سازگار ٿي سگهي ٿو. جيترا گهڻا وڻ ڦٽندا، جيترا گهڻا ٻيلا بحال ٿيندا، اوترو تڪڙو۽ تيز مينهن پوندو، ٻوڏون اينديون، جر جو پاڻي مٿي ڪندو ۽ خوشحالي ايندي، سو اچو ته وڌ ۾ وڌ وڻ پوکي سنڌ کي گرمي کان بچايون، خوشحال ۽ سائو بڻايون.

اربع 23 مئي 2018ع، 7 رمضان المبارڪ 1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ اسيمبلي اعتماد جو نالو آهي

سنڌ اسيمبليءَ جي چونڊ ٿي گذري ۽ چونڊيل ميمبرن، اسيمبليءَ جي ۽ پنهنجي ان منصب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے