18 ڇنڇر , آگسٽ 2018

نگران وزير اعظم ، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي جوڙجڪ وارو معاملو

علي محمد ميمڻ

نگران وزيراعظم جي معاملي تي مشوري لاءِ وزيراعظم شاهد خاقان عباسي مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه سان ملاقات ڪئي آهي. حڪومت جو مدو پورو ٿيڻ ۾ باقي 9 ڏينهن رهجي وڃڻ کانپوءِ نگران وزيراعظم جي معاملي تي صلاح مشوري جو سلسلو تيز ڪيو ويو آهي. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه جي ملاقات ۾ نگران وزيراعظم ۽ نگران حڪومت سازي ۽ ڪابينا جي  جوڙجڪ جي معاملي تي غور ويچار ڪيو پيو وڃي. ان ڏس ۾  سيد خورشيد شاهه جو چوڻ آهي ته کيس اميد آهي ته نگران وزيراعظم جي نالي تي اڄ اتفاق ٿي ويندو.

ملڪ جي 1973ع جي آئين تحت  قومي اسيمبلي ۾ حڪومتي ڌر جي قائد ايوان يعني وزير اعظم شاهد خاقان عباسي ۽ ايوان ۾مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه ۾ ٿيندڙ اتفاق راءِ تحت ئي ڪري سگهجي ٿو. ٻنهي آئيني حيثيت وارين شخصيتن ۾ اتفاق نه ٿيڻ تي اهو فيصلو اليڪشن ڪميشن کي منتقل ٿي ويندو ۽ پوءِ نگران وزير اعظم جو اعلان اتان ئي ٿيندو. ٻئي پاسي وزير اعظم ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻن ۾ ٿيندڙ لڳاتار گڏجاڻين ۽ صلاح مشورن سان خير جي اميد پيدا ٿي آهي ته هن ڀيري سياسي ڌريون ۽ پارليامينٽ پنهنجا فيصلا  پاڻ ڪرڻ ۽ پنهنجي طاقت مڃرائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندي. بيشڪ، ملڪ جي سياسي، سفارتي ۽ سلامتي واري بحراني دور ۾ نگران وزير اعظم جي چونڊ  ڪرڻ  ڪا عام رواجي ڳالهه ناهي،  تمام وڏي خبرداري ۽ غيرمعمولي حالتن ۾ بردباري ۽ حڪمت سان قومي فرض نڀائڻ ۽ ملڪ جي جمهوريت واري ڪشتي کي واڳن جي حملن کان بچائي ٻئي ڪناري تي پهچائڻو آهي.

نگران وزيراعظم جي چونڊ ۽ نگران سرڪار بابت لاڳاپيل معاملن تي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه ۾ ڪيتريون ئي ملاقاتون ٿي چڪيون آهن. ملڪ جي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا طرفان  نگران وزيراعظم جي چونڊ لاءِ تمام گهڻيون اڳ ڪٿيون ڪيون پيون وڃن، تازيون خبرون عام ڪيون ويون آهن ته پاڪستان پيپلز پارٽي طرفان مخالف ڌر جي اڳواڻ ذريعي  ذڪاءَ اشرف ۽ جليل عباس جيلاني جا نالا وزير اعظم کي پيش ڪيا ويا آهن.  ذريعن  جي حوالي سان اها دعوا پڻ ڪئي پئي وڃي ته  پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو ۽ شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري طرفان نگران وزيراعظم لاءِ ٽن نالن تي غور ڪيو ويو ۽ ان بعد پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي اڳوڻي چيئرمين ذڪاءَ اشرف ۽ اڳوڻي سفير جليل عباس جيلاني جي نالن کي فائنل ڪيو ويو آهي. پيپلز پارٽي طرفان 3 نالا ڏنا ويا آهن، پر ٽيون نالو سامهون نه اچي سگهيو آهي.

ٻئي پاسي، مخالف ڌر جي اڳواڻ طرفان  مخالف ڌر جي ٻين جماعتن تحريڪ انصاف، جماعت اسلامي ۽ ايم ڪيو ايم سان پڻ رسمي طور تي صلاح مشورا ڪري نگران حڪومت بابت نالا ڏيڻ جي گهر ڪئي وئي آهي ته جيئن مخالف ڌر ۾ پائپي ۽ دستاڻا لاڳاپا پڻ وڌي سگهن ۽ سگهارا ٿين پر اها ڪا آئين  جي گهرج ته نه هئي پر تنهن هوندي به پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ طرفان پارليامينٽ ۾موجود سياسي ڌرين کي اعتماد ۾ وٺڻ ۽ پاڻ سان فيصلن ۾شريڪ ڪرڻ، يقينن سٺو ۽ مانائتو سياسي عمل چئبو، جيڪو ڪڏهن به ضائع يا بي فيض ٿيڻو نه آهي.

ملڪ ۾ عام چونڊون، آئين ۽ قانون تحت  انصاف جي ضابطن تحت شفاف ٿيڻ لازمي ۽ درست نتيجا پڌرا ٿيڻ تمام ضروري عمل آهي.  ملڪ ۾ وچ واري مدي ۾ ٻن مهينن يا ٽن مهينن لاءِ نگران حڪومت جون ذميواريون نڀائڻ سان گڏوگڏ  ٿيندڙ عام چونڊن  ۾ پڻ نگران وزير اعظم ۽ نگران  وفاقي سرڪار جو سگهارو ڪردار وڏي اهميت وارو آهي ۽ نگران حڪومت وارو فرض پڻ خبرداري سان نڀائڻو آهي ۽ ڪنهن به اڻوڻندڙ صورتحال ۾ پڻ قومي ذميواري نڀائڻ ۽ سرخرو ٿي نڪرڻ کانسواءِ  ملڪ جي پارلياماني ۽ سياسي نظام جي بقا ۽ ڪاميابيء جو ملڪ جي سلامتيءَ سان پڻ سڌو سنئون واسطو پيدا ٿي چڪو آهي.

وفاق ۾ نگران وزير اعظم ۽ نگران وفاقي حڪومت سازي ۽ صوبن ۾ نگران وزير اعلي ۽ صوبائي حڪومتن جي جوڙجڪ  لاءِ سمورين سياسي جماعتن طرفان پيش ڪيل شخصيتن جا نالا يقينن پنهنجن شعبن يا وزارتن جا وڏا ۽ تجربن ۽ ڪاميابين وارا وڏا نالا آهن ۽ نگران وزير اعظم  ۽ صوبن ۾ نگران وڏن وزيرن جي چونڊ هر هڪ صوبي ۾ڪنهن به هڪ معتبر نالي تي ئي ٿيڻي آهي پر باقي شخصيتن جي نالن کي پڻ ملڪ جي نگران وفاقي ۽ صوبائي ڪابينا ۽ وزارتن ۾ شامل ڪرڻ سان سگهاريون نگران حڪومتون وجود ۾ اچي سگهن ٿيون. تنهن ڪري اسانجي اها تجويز آهي ته سمورا مانائتي شخصيتن جي صلاحيتن مان ملڪ ۽ صوبن  کي فائدو ملڻ گهرجي ۽ کين نگران حڪومتن واري ڪابينا ۾ ضرور شامل ڪرڻ گهرجي.

ٻئي پاسي، ملڪ ۾ پيدا ٿيندڙ غير معمولي ۽ زلزلي واري صورتحال جي اهم ڪردار اڳوڻي وزير اعظم ميان نوازشريف ۽ شريف خاندان جي باري ۾ ملڪ جي عدالتن ۾ پاناما پيپرز، لنڊن واري ڏيڍ ارب رپيا ماليت وارا ڪيس جو پڄاڻي طرف وڃي رهيا آهن. ۽ فيصلا اچڻ وارا آهن. ان ڏس ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينئر اڳواڻ بئرسٽر اعتزاز احسن جو چوڻ آهي ته نواز شريف کي پڪ آهي ته کيس سزا ٿيڻي آهي ۽ ان ۾ 342 جي ڪيس جو مرحلو به مشڪل ترين آهي، نواز شريف مني ٽريل جي حوالي سان پنهنجي مطالبن بابت ڪو به ثبوت پيش نه ڪيو آهي، مني ٽريل ۾ ڪنهن قطري خط جي حوالي سان شاهديون نه آهن.

هڪ سوال جي جواب ۾ سندس چوڻ هو ته مسلم ليگ ن مان پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿيندڙن کي خلائي مخلوق جهڙي ڪا طاقت اشارو ڏيندي هوندي. اعتزاز احسن جو وڌيڪ چوڻ هو ته نواز شريف پنهنجي ئي وزيراعظم محمد خان جوڻيجي ۽ پوءِ بينظير ڀٽو خلاف سازش ڪري خلائي مخلوق کان 95 لک رپيا وصول ڪيا. بيرسٽر اعتزاز احسن جو  چوڻ هو ته شريف خاندان سان عدالت جو رويو نرم آهي، شريف خاندان جي سهولت لاءِ عدالت کين سوالنامو پيش ڪيو، نواز شريف کي ٻڌائڻو پوندو ته سندن ٻارن وٽ ايتري رقم ڪٿان آئي آهي. اعتزاز احسن جو وڌيڪ چوڻ هو  ته نواز شريف 3 ڀيرا وزيراعظم ٿيو آهي، سندس انٽرويو تي آرٽيڪل 6 نه ٿو لڳي نه ئي لڳڻ گهرجي انهيءَ سان ملڪ جو نقصان ٿيندو.

بيشڪ !  ملڪ جي سياسي جماعتن ۽ عوام جي چونڊيل نمائندن تي اهو قرض ۽ قومي فرض پڻ لاڳو ٿي ويو آهي ته  ملڪ ۾ قانون ۽ انصاف جو نظام سگهارو بنائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ سمورا ويڇا وساري اڳتي وڌن ۽ پنهنجي اهليت کي ثابت ڪرڻ لاءِ پڻ ملڪ ۾آئين ۽ قانون تحت منصفاڻيون ۽ شفاف چونڊون ڪرائي ڏيکارين ۽ ڪامياب ٿيندڙ سياسي جماعتن کي حڪومت سازي ڪرڻ ۽ اقتدار ۽ اختيار جي ڪاميابي سان منتقلي جو فرض پڻ ممڪن بڻائي ڏيکارين ته پوءِ اهو يقين سان چئي سگهبو ته ملڪ ۽ جمهوري سرشتو، پارليامينٽ وارو سگهارو نظام، ملڪ ۽ صوبن جا مسئلا حل ڪرڻ جي صلاحيت ۽ طاقت حاصل ڪري چڪو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪپتان کان وزيراعظم تائين

غلام مصطفيٰ کهاوڙ 1992ع ۾  عالمي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ  جي فاتح ڪپتان ڪرڪيٽ کي الوداع …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے