22 جمعو , جون 2018

عوامي آواز سنڌ جي نياڻين جو ڌڻي ٿي، ستل سنڌ حڪومت تائين آواز پهچائڻ ۾ ڪامياب وئي

حميده گهانگهرو

سنڌ، جيڪا سنڌ شاهه ڀٽائي جي سنڌ، صوفين ولين جي سنڌ، سجاڳ باشعور امن پسند ماڻهن جي سنڌ، سياسي، سماجي، اديبن، دانشورن جي سنڌ، لوئي ۽ لڄ جي سنڌ، سومرين جي تاريخ جي سنڌ، ان ڌرتي جون نياڻيون اڄ گاديءَ واري شهر ڪراچي آوازن جي دنيا جي اداري پريس ڪلب تي حق ۽ سچ جي آواز تي نشانو بنائي ان لوئي جي لڄ، اجرڪ اوڍي خون به معاف ڪرائيندڙ سنڌ جي نياڻين جا قدر اڄ ايئن پائمال پيا ٿين، ڏسندڙن جي اکين کي جس هجي جو ايڏي ايذاءَ، اذيت، ذهني ڀوڳنا جو شڪار نياڻين جي پر امن احتجاج کي لٺين، ڌڪن، چنبن ۽ لٽن کي ليڙون ليڙون ڪرڻ واري فن جو مظاهرو ڪيو.

ان سڄي روئداد کي ڏسندي عوامي آواز سنڌ جي نياڻين جي وارثي ڪري ميڊيا وسيلي ستل سنڌ حڪومت کي جنجهوڙي جاڳائڻ جي ڪوشش ڪري نياڻين جي آواز کي پهچائڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي.

جڏهن اهو ڏٺو ويو ته هو هڪ هڪ کي اهو چون پيون ته اسان جا ڦاٽل لٽا ۽ آهون ڪوڪون عوامي آواز جي اخبار ۽ ٽي وي ذريعي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ عوام تائين پهتيون ته پوءِ سڀ سياسي سماجي ۽ خاص طور تي حڪومت جا نمائندا اسان جي زخمن کي مرهم لڳائڻ لاءِ پهتا آهن پر ڇا اهي صرف انهن جا واعدا اقرار هوندا يا اسان جي ويران اڱڻن جي رونقن ۾ مسڪرائيندڙ پيئر، ڀائر واپس موٽي ملندا.

اسان جي درد جي آواز کي عوامي آواز پهريون آواز بڻجي ڇاپي پنهنجو فرض پورو ڪيو، هاڻي حڪمران انصاف ڏيارين اهو ئي اسان جو احتجاج آهي ۽ اهو ئي مطالبو، جوان نياڻين جا پيئر جڏهن گهر جي اجهي ۾ موجود ناهن هوندا ته اهي اجها اجڙي ويران ٿي ريگستان ۽ رڻ پٽ جو ڏيک ڏيندا آهن، هنن نياڻين جو چوڻ آهي ته وس وارن جا نه صرف وڏا هٿ آهن پر هو حق ۽ سچ جي ڳالهه ڪري انصاف جي تقاضا پوري ڪري سگهن ٿا، توڻي جو کڻي موجوده حڪومت جي اقتدار جو وقت پورو ٿيڻ وارو آهي پر عوام سان ان جو رشتو ۽ ناتو جنم جنم جو آهي، جيڪڏهن سنڌ جون نياڻيون اهڙي نموني جيسين پنهنجا لٽا ڦاڙائن جي نوبت تي اچن ته اهي ڪارا چشما پائي اکيون ٻوٽي ننڊون ڪن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس جو تارو سنڌ کي روشن ڪري سگهندو ؟

ماهم سنڌي پاڪستان ۾ هر دفعي ٿيندڙ اليڪشن وڏي پيماني تي تبديليون آڻيندو آهي ، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے