22 جمعو , جون 2018

کنڀي گم ڪيل ڪارڪنن جي آزاديءَ لاءِ احتجاج

ادل سولنگي

جمهوري سماج ۾ هر شهريءَ کي پنهنجي حق جي حاصلات لاءِ پرامن احتجاج جو حق ڏنل آهي پر اسان جي ملڪ ۾ پرامن احتجاج ڪندڙن مٿان پوليس تشدد جي هڪ ڊگهي تاريخ موجود آهي، جنهن کان هر اهو ماڻهو واقف آهي جيڪو جدوجهد جي ميدان ۾ حصيدار رهيو آهي.

گذريل آچر ڏينهن کنڀي گم ڪيل ڪارڪنن جي سلامتي ۽ آزاديءَ لاءِ ڪراچي پريس ڪلب آڏو لڳايل ”وائيس فار مسنگ پرسنس آف سنڌ“ جي احتجاجي ڪئمپ تي ٿيل پوليس چڙهائي ان ڳالهه جو چٽو ثبوت آهي ته هن ملڪ ۾ جمهوري قدرن کي ڪو به احترام ڏيڻ لاءِ تيار ناهي، خاص ڪري هتان جا طاقتور ادارا ڪنهن به ريت جمهوري سماج جي اڏاوت ۾ وڏي ۾ وڏي رنڊڪ بڻيل آهن. جنهن جي ڪري هن ملڪ ۾ جمهوري سماج ۽ مزاج کي ڪا به قبوليت ۽ احترام نٿو ڏنو وڃي.

”وائيس فار مسنگ پرسنس آف سنڌ “ جي اڳواڻ سورٺ لوهار، سسئي لوهار، تنوير آريجو، نيلم، شيرين کوکر،  سنيتا راٺوڙ سميت کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن، استادن، صحافين، ليکڪن، اديبن ۽ شاعرن جي سلامتي ۽ آزاديءَ لاءِ سندن خاندان جا ڀاتي هن احتجاجي ڪئمپ تي موجود هئا.

احتجاجي ڪئمپ تي آچر ڏهاڙي پوليس چڙهائي ڪري ڪئمپ جي پرامن ماحول کي خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ ڪئمپ تي ويٺل ڪارڪنن کي چڙ ڏياريندڙ عمل ذريعي ڇڙوڇڙ ڪري مٿن لٺبازي ڪري کين تشدد جو نشانو بڻايو ويو، احتجاج ڪندڙ نوجوانن کي پوليس ۽ رينجرس جي موجودگي ۾ خانگي ڪپڙا پاتل ماڻهن کنڀڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن عمل جي سخت مزاحمت ڪري ٽن ڪارڪنن کي موقعي تي ڇڏايو ويو، جڏهن ته ڳجهن ادارن جا اهلڪار چئن ڄڻن زاهد بگٽي، فرحان مڱريو، آفتاب شاهه ۽ جاني پنهور کي کنڀي کڻي ويا.مزاحمت دوران احتجاج ڪندڙن جا ڪپڙا ڦاٽي پيا ۽ کين تشدد برداشت ڪرڻو پيو،

کنڀي گم ڪيل چئن ڪارڪنن جي آزاديءَ لاءِ نئين حڪمت عملي جوڙي وئي، جنهن جي پس منظر ۾ اهلڪار چئني کنڀيل ڪارڪنن کي سومر ڏهاڙي صبح جو ڇڏي ڏنو ويو، جڏهن ته سڄيءَ سنڌ مان کنڀي گم ڪيل ڪارڪنن جي سلامتي ۽ آزاديءَ لاءِ احتجاجي ڪئمپ 72 ڪلاڪن تائين مسلسل جاري رکڻ جي عزم کي ورجايو ويو، سنڌ جي ساڃاهه وندن احتجاجي ڪئمپ تي پهچي سنڌ جي نياڻين جي جدوجهد کي سلام پيش ڪيو ۽ کين پڪ ڏياري ته اسان اوهان جي هر وک سان گڏجي وک کڻنداسين ۽ کنڀي گم ڪيل ڪارڪنن جي سلامتي ۽ آزاديءَ تائين ان جدوجهد جو حصو رهنداسين.

سومر ڏهاڙي سنڌ جي گهروکاتي جو وزير سهيل انور سيال، ۽ سڌ سماءَ وارو وزير احتجاجي ڪئمپ تي پهتا، جن کي تنوير آريجو ٻڌايو ته اسان کنڀي گم ڪيل پنهنجي پيارن جي سلامتي ۽ آزاديءَ لاءِ گذريل 14 مهينن کان جدوجهد ڪري رهيا آهيون، سنڌ جي هر شهر ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا آهن. کنڀي گم ڪيل پيارن جي سلامتي ۽ آزاديءَ لاءِ ملڪ جي اعليٰ ادارن خاص ڪري سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پنهنجي پيارن جي سلامتي ۽ آزاديءَ لاءِ دانهيو آهي پر اتان به خاطر خواهه جواب ناهي مليو آهي، اسان انتهائي مجبوريءَ جي حالت ۾ هن لڱ ساڙيندڙ جهولن ۽ جهڪن ۾ احتجاج ڪري رهيا آهيون.

سنڌ جي چونڊيل عوامي نمائندن سان ملاقاتون ڪري کين کنڀي گم ڪيل پنهنجي عزيزن جي سلامتي ۽ آزاديءَ لاءِ پڻ گذارشون/اپيلون ڪيون آهن ۽ پرامن احتجاج جو رستو ورتو آهي، سنڌ جي چونڊيل نمائندن جي  هن اهم انساني مسئلي تي بي ڌياني ۽ ڪن لاٽار انتهائي ڳڻتيءَ واري ڳالهه آهي جو سنڌ مان کنڀي گم ڪيل ماڻهن جي سلامتي ۽ آزاديءَ لاءِ هنن سنڌ اسيمبليءَ ۾ ڪو آواز اٿاري پنهنجون قومي ذميواريون ناهن نڀايون. ايندڙ چونڊن ۾ هنن اسيمبليءَ جي موجود ميمبرن ۽ نون اميدوارن کان سخت پڇاڻو ڪيو ويندو ته اوهان سنڌ ۽ سنڌ جي مفادن جي ڪيتري نگهباني ڪري سگهيا آهيو. جيڪڏهن اوهان پنهنجون ذميواريون نه نڀائي سگهيا آهيو ته پوءِ ڪهڙو منهن کڻي سنڌ جي ماڻهن کان ٻيهر ووٽ گهري رهيا آهيو. اوهان گذريل  10 سالن کان حڪومت ڪري رهيا آهيو ٻڌايو ته اوهان سنڌ جي ڪهڙن قومي حقن جي پاسداريءَ ۽ حاصلات لاءِ اوهان ڪا جدوجهد ڪئي هجي يا ڪو اسيمبليءَ اندر آواز اٿاريو هجي، جيڪڏهن اوهان سنڌ جي مفادن کي پٺي ڏئي رڳو پنهنجي انفرادي مفادن لاءِ ئي جدوجهد ڪئي آهي ته پوءِ سنڌ اوهان کي ووٽ ڇو ۽ ڇالاءِ ڏئي.

سنڌ شهيدن قرض لاهي ڇڏيو آهي، هاڻي شهيدن جي وارثن جي دعويدارن کي سنڌ جو قرض لاهڻ گهرجي ۽ آئيني جي سامهون بيهي پنهنجو پاڻ سان ڳالهائڻ گهرجي ته ڇا اسين ڪنهن اسيمبليءَ جي ميمبر هئڻ جو حق ادا ڪري سگهيا آهيون، اوهان کي پنهنجو ضمير ئي بهتر جواب ڏيندو ته اوهان کي ڪنهن به صورت ۾ عوام قبولڻ لاءِ تيار نه آهي.

کنڀي گم ڪيلن جي سلامتي ۽ آزاديءَ لاءِ پريس ڪلب آڏو لڳايل احتجاجي ڪئمپ تي پهچي سنڌ اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خواجا اظهار الحسن، متاٿر ڪٽنبن سان همدرديءَ جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته هو سنڌ اسيمبليءَ ۾ کنڀي گم ڪيل ڪارڪنن جي سلامتي ۽ آزاديءَ لاءِ آواز اٿاريندو ۽ اسيمبليءَ جو ڌيان هن مسئلي ڏانهن ضرور ڏيارين. جڏهن ته احتجاجي ڪئمپ تي مسلسل سيد زين شاهه، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، عبدالخالق جوڻيجو، امير آزاد پنهور، ڊاڪٽر قادر مگسي، امير ڀنڀرو، منظور سولنگي، ناياب سرڪش، سيما عباسي، حميد ميمڻ، سورهيه سنڌي ، الاهي بخش بڪڪ، ارباب ڀيل، امير مڱريو، دلشاد ڀٽو سينيئر، امان الله شيخ ، جمن حمايتي، سارنگ جويو، محمد کوکر، بخشل ٿلهو، عاليه بخشل، محمد خان سولنگي، اسد اقبال بٽ موجود رهيا، جڏهن ته وڏي انگ ۾ ڪراچي بار ڪائونسل جي سنڌي وڪيلن هن احتجاجي ڪئمپ تي پهچي سنڌ جي نياڻين جي جدوجهد ۾ سهڪاري ٿي کين پڪ ڏياري ته اسان سنڌ جي مفادن جي حاصلات لاءِ ٿيندڙ هر جدوجهد جو حصو آهيون ۽ حصو رهنداسين، جڏهن ته سنڌ دوست قومي پارٽين جي قيادت ۽ قومي ڪارڪن جي وڏي انگ جي شرڪت هن احتجاج کي منظم ۽ پرامن احتجاج ۾ تبديل ڪري پنهنجي آواز کي سگهاري نموني لاڳاپيل ادارن ۽ ايوانن تائين پهچايو، جنهن جدوجهد لاءِ ويجهڙائي ۾ اميد آهي ته بهتر نتيجا حاصل ٿي سگهندا، گذريل  چوڏهن مهينن کان جاري کنڀي گم ڪيل ڪارڪنن جي سلامتي ۽ آزاديءَ لاءِ هلندڙ جدوجهد جو هي اهم موڙ رهيو آهي، جيئي سنڌ جي قيادت ۽ ڪارڪنن پنهنجي سمورين قومي روايتن جي پاسداري ڪندي نه رڳو نياڻين جي مٿن تي ٻاجهه جا هٿ رکيا پر نياڻين جي تحفظ لاءِ هر مشڪل گهڙيءَ ۾ مڙس ٿي مقابلو ڪرڻ جو يقين ڏياريندي احتجاجي ڪئمپ تي موجود رهيا، سنڌ جي گاديءَ واري شهر ڪراچيءَ جي پريس ڪلب آڏو، سنڌ هڪ نئون منظر ڏيکاري رهي هئي ۽ سنڌ جا ڳڀرو پنهنجي ننگن ۽ دنگن جي رکوالي لاءِ ميدان ملهائڻ لاءِ نڪري آيا هئا.

گذريل آچر ڏهاڙي کنڀي گم ڪيل شيعه عزادارن جا عزيز به احتجاج ڪندي گهر ڪري رهيا هئا ته سندن پيارن کي سلامتي سان عدالتن ۾ ظاهر ڪيو وڃي، جيڪڏهن مٿن ڪو به الزام/ڪيس آهي ته هو عدالتن ۾ انهن جي پيروي ڪندا، هنن سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي اپيل ڪئي ته گم ڪيل شيعا عزادارن کي جلد کان جلد آزاد ڪيو وڃي، ساڳي طرح ”وائيس فار مسنگ پرسنس آف سنڌ“ جي اڳواڻن ورجايو ته کنڀي گم ڪيل ڪارڪنن تي جيڪڏهن ڪي ڪيس داخل آهن ته انهن کي عدالتن ۾ آندو وڃي.

ملڪي آئين ۽ قانون جي پاسداري ڪندي کين عدالتن آڏو آندو وڃي ۽ کين پنهنجي بي ڏوهي هجڻ لاءِ صفائي جو موقعو ڏنو وڃي، گذريل ڏينهن سائين جي ايم سيد جي پوٽي سيد زين شاهه بک هڙتال تي ويٺل سورٺ لوهار، سسئي لوهار، تنوير آريجو، شيرين کوکر، تاج جويي ۽ ٻين اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي جوس پياري بک هڙتال ختم ڪرائي. بک هڙتال جي خاتمي بعد کنڀي گم ڪيل ڪارڪنن جي سلامتي ۽ آزاديءَ لاءِ سنڌ جي گهروکاتي جي وزير سهيل انور سيال سان گڏجاڻي ڪري پنهنجا موقف پيش ڪيا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس جو تارو سنڌ کي روشن ڪري سگهندو ؟

ماهم سنڌي پاڪستان ۾ هر دفعي ٿيندڙ اليڪشن وڏي پيماني تي تبديليون آڻيندو آهي ، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے