22 جمعو , جون 2018

تحريڪ انصاف نگران وزير اعظم جي لاءِ ٽي  نالا ڏئي ڇڏيا

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) عمران خان جي صدارت هيٺ پي ٽي آءِ مرڪزي قيادت جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ نگران حڪومت جي سربراهه جي لاءِ ٽي نالا ڏنا ويا، جنهن ۾ جسٽس تصدق جيلاني، عشرت حسين ۽ عبدالرزاق دائود شامل آهن. تفصيل موجب عمران خان جي صدارت هيٺ پي ٽي آءِ جي مرڪزي قيادت جي اجلاس ۾ شاهه محمود قريشي، جهانگير ترين، اسد عمر ۽ شيرين مزاري سميت ٻيا اڳواڻ اجلاس ۾ شريڪ ٿيا، نگران حڪومت جي حوالي سان شاهه محمود قريشي اجلاس کي تفصيلي بريفنگ ڏني. تحريڪ انصاف جي ترجمان موجب اجلاس ۾ امڪاني حڪومت جي شروعاتي 100 ڏينهن واري حڪمت عملي تي ڳالهيون ڪيون ويون جڏهن ته نگران وزير اعظم جي لاءِ جسٽس تصدق حسين، عشرت حسين ۽ عبدالرزاق دائود جا نالا ڏنا ويا آهن ٽنهي مان ڪنهن هڪ کي نگران حڪومت جو سربراهه مقرر ڪرڻ گهرجي. اجلاس ۾ تحريڪ انصاف جي چونڊ حڪمت عملي تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، ٽڪيٽن جي ورڇ جي لاءِ پارلياماني بورڊ جي اجلاس جي طوري طلبي تي اتفاق ڪيو ويو. پارليماني بورڊ اميدوارن جي پهرين کيپ لاءِ ٽڪيٽون ڏيڻ جو فيصلو ڪندي. ترجمان موجب اجلاس ۾ پاناما ڪيس جو شڪار ڪرڻ جي ڪوششن جي به جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ تحريڪ انصاف ۾ هن وقت تائين شامل ٿيندڙن جو به جائزو ورتو ويو. عورتن، اقليتي مخصوص سيٽن جي لاءِ درخواستن جي حتمي تاريخ 31 مئي مقرر ڪئي وئي، خيبرپختونخواهه ۾ صوبائي حڪومت جي ڪاڪردگي جو خاص جائزو ورتو ويو، عمران خان پرويز خٽڪ ۽ سندس ڪابينا کي خاص ڀيٽا پيش ڪئي. ترجمان موجب آڊيٽر جنرل رپورٽن جي روشني ۾ پنجاب حڪومت جي اسڪينڊلن جو به جائزو ورتو ويو، آشيانه هائوسنگ اسڪيم، ميٽرو ۽ اورنج ٽرين سميت 56 ڪمپنين جو معاملو اٿارڻ جو فيصلو ڪيو ويو، قومي احتساب بيورو اربن جي ڪرپشن جو نوٽيس وٺي ڪارروائي ڪري.

هي به ڏسي سگهو ٿا

تحريڪ انصاف اڳواڻ عليم خان 91 ڪروڙ جو مالڪ، هڪ ارب رپين جو قرضي

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) تحريڪ انصاف پنجاب جي صدر عليم خان جي اثاثن جا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے