25 بدھ , اپریل 2018

قومي سلامتي جي صلاحڪار ناصر جنجوعا جي افغان صدر اشرف غني سان ملاقات

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ )  وزيراعظم جي قومي سلامتي جي صلاحڪار ليفٽيننٽ جنرل ناصر جنجوعا افغان صدر اشرف غني سان ملاقات ڪئي آهي. قومي سلامتي بابت صلاحڪار ناصر جنجوعا هڪ ڏينهن جي مختصر دوري تي افغانستان پهچي ويو آهي. ناصر جنجوعا پنهنجي افغان هم منصب حنيف اتمر جي دعوت تي افغانستان جو دورو ڪري رهيو آهي. افغان ميڊيا موجب ناصر جنجوعا صدارتي آفيس ۾ اشرف غني سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جي وفدن به پڻ شرڪت ڪئي. افغان صدر ۽ ناصر جنجوعا جي ملاقات ۾ افغانستان ۾ امن عمل سميت ٻطرفن معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. افغان صدر اشرف غني به سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ناصر جنجوعا سان ملاقات جو اطلاع ڏنو.  صدر اشرف غني پنهنجي پيغام ۾ پاڪستان جي وزيراعظم  کي افغانستان جي دوري جي دعوت ڏني. افغان صدر چيو ته وزيراعظم پاڪستان کي دوري جي دعوت ٻنهي رياستن وچ ۾ جامع ڳالهين جو اهم قدم آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان ۽ روس ۾ پهريون ڀيرو بين الوزارتي سطح تي ڳالهيون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ روس وچ ۾ جاري بهتر ٻه طرفن لاڳاپن جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے