26 جمعرات , اپریل 2018

مس سنگاپور قتل ڪيس: مرڪزي جوابدار معاذ وقار جي سزا ڪالعدم قرار

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مس سنگاپور قتل ڪيس جي مرڪزي جوابدار معاذ قادر جي موت جي سزا ڪالعدم قرار ڏيندي کيس بري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڏيو آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس محسن اختر ڪياني تي ٻڌل 2 رڪني بئنچ مس سنگاپور قتل ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. تفصيلي فيصلي ۾ چيو ويو ته شاهدين موجب ڪنهن هنڌ جوابدار ۽ مقتولا کي گڏ ويندي نه ڏٺو ويو آهي، لاش گاڏي ۾ وجهي بني گالا اڇلائڻ جون به شاهديون نه مليون آهن. فيصلي ۾ چيو ويو ته لاش ڪٿي پيل آهي، پوليس کي اڳ ئي خبر هئي، مس سنگاپور جا زيور ڪنهن سوناري کي وڪرو ڪرڻ جون به شاهديون نه مليون آهن. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مرڪزي جوابدار معاذ وقار جي  موت جي سزا ڪالعدم قرار ڏيندي کيس بري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. 2013ع ۾ ماڊل فهمينا چوڌري کي آبپاره جي علائقي مان اغوا ڪري 2 ڪروڙ رپيه ڀنگ نه ڏيڻ تي قتل ڪيو ويو هو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عوام هاڻي خواجه آصف جي پاڇي کي به ووٽ ڏيندو: مريم نواز

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) مسلم ليگ ن اڳواڻ مريم نواز چيو آهي ته عوام …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے