23 آچر , سيپٽمبر 2018

مڪلم کي کيڏڻ جو موقعو ئي نه ڏنو: محمد نواز

دبئي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان سپر ليگ جي فرنچائز ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز جي آل رائونڊر محمد نواز چيو آهي ته سندس ٽيم سُٺي بالنگ جي منصوبه بندي ڪئي هئي جنهن ۾ ڪامياب رهيا سين. صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته جڏهن هو بالنگ ڪرڻ آيو ته برينڊنڊ مڪلم ۽ سنيل نارائڻ جارحاڻي بيٽنگ ڪري رهيو هو تنهن هوندي سندس دماغ ۾ هو ته سُٺي بالنگ لائن ۽ لينٿ تي بالنگ ڪرڻي آهي جنهن جي ڪري هو قلندرز جي ڪپتان کي ٻي ئي اننگز تي ايل بي ڊبليو ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيو. محمد نواز چيو ته ٽيم جيڪا به پلاننگ ڪئي ان تي اڄوڪي ميچ ۾ عمل ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيا سين. پي ايس ايل جي ڪاميابي جي حوالي سان هڪ سوال جواب تي سندس چوڻ هو ته سندس ڪيريئر جو ٽرننگ پوائنٽ پي ايس ايل ئي هو. آل رائونڊر چيو ته پي ايس ايل ۾ سر ويوين رچرڊز جهڙن ليجنڊن کان گھڻو ڪجھه سکيا لاءِ ملندو آهي.سندس وڌيڪ چوڻ هو ته پي ايس ايل جيئن جيئن اڳتي ويندي پاڪستان ڪرڪيٽ کي فائدو ٿيندو ۽ وڌيڪ نوجوان به ان ڏانهن اڳتي ايندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ايشيا ڪپ: پاڪستاني ٽيم ڀارت خلاف 162 رنسن تي ڍير

دبئي (اسپورٽس نيوز) ايشيا ڪپ جي پنجين ميچ ۾ قومي ٽيم ڀارت خلاف پهريان بيٽنگ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے