23 آچر , سيپٽمبر 2018

لاهور ۾ نامعلوم ماڻهن متحده پاڪستان جي آفيس ۾ ڦرلٽ کانپوءِ تالا هڻي ڇڏيا

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) لاهور ۾ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي آفيس ۾ ڌاڙي کانپوءِ نامعلوم ماڻهن تالا هڻي ڇڏيا. ايم ڪيو ايم پاڪستان پي آءِ بي جي سربراهه فاروق ستار آفيس کي تالا هڻڻ جي مذمت ڪئي آهي، جڏهن ته مقامي اڳواڻن طرفان آفيس تي قبضي جي ڪوشش ڪرڻ جي درخواست به جمع ڪرائي وئي آهي. رابطا ڪميٽي جي ميمبر وسيم کوکر جو چوڻ آهي ته مرڪزي اڳواڻن جي هدايت تي پوليس کي پنجاب جي آفيس ۾ نامعلوم ماڻهن طرفان تالا هڻڻ جو اطلاع ڏنو ويو آهي جڏهن ته پوليس جي موجودگيءَ ۾ تالا ٽوڙيا ويا آهن.  وسيم کوکر موجب آفيس ۾ موجود سامان، ايل اي ڊي، ڪمپيوٽرز ۽ اهم دستاويز گم آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شاهه محمود قريشي گڏيل قومن ۾ ڪشميرين جي حق لاءِ آواز اٿاري: مشعال ملڪ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حريت اڳواڻ ياسين ملڪ جي گهرواري مشعال ملڪ چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے