24 سومر , سيپٽمبر 2018

آشيانه هائوسنگ اسڪيم اسڪينڊل: شاهد شفيق هڪ ڏينهن جي رمانڊ تي نيب حوالي

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) لاهور جي مقامي عدالت آشيانه هائوسنگ اسڪيم اسڪينڊل ۾ گرفتار بسم الله انجنيئرنگ ڪمپني جي چيف ايگزيڪيوٽو شاهد شفيق کي هڪ ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي نيب حوالي ڪري ڇڏيو آهي.  شاهد شفيق کي نيب طرفان ڊي جي ايل ڊي اي احمد چيما جي نشاندهي تي گرفتار ڪيو ويو هو.  نيب شاهد شفيق کي سخت سڪيورٽي ۾ جوڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش ڪيو ۽ عدالت کي رمانڊ جي درخواست ڪئي. عدالت بسم الله انجنيئرنگ ڪمپني جي چيف ايگزيڪيوٽو کي هڪ ڏينهن جي رمانڊ تي نيب حوالي ڪري ڇڏيو.  جوابدار کي سڀاڻي احتساب عدالت ۾ پيش ڪري 14 ڏينهن جو رمانڊ حاصل ڪيو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جنگ مڙهي وئي ته منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين: مولا بخش چانڊيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ مولا بخش چانڊيي چيو آهي ته مودي ۽ ڀارتي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے