25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

گهڻين ڪوششن جي باوجود رائو انوار جو پتو نه پئجي سگهيو : آءِ جي سنڌ

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا چيو آهي ته رائو انوار کي ڳولهڻ جي گهڻي ڪوشش ڪئي پر سندس ڪو به پتو نه لڳو، اسان عدالت کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي ته واٽس ايپ ڪال ٽريس ناهي ٿيندي ان ڪري رائو انوار ٽريس نه ٿي سگهيو. حيدرآباد ۾ پوليس هيڊ ڪوارٽر ۾ ٿيل ڪيوڪيشن ڪراٽي چيمپئن شپ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي آءِ جي سنڌ چيو ته رائو انوار جي گرفتاري وپليس جو ڪم آهي ۽ اها حقيقت آهي ته پوليس هن وقت تائين رائو انوار کي گرفتار ناهي ڪري سگهي، رائو انوار کي ڳولهڻ جا سمورا طريقا استعمال ڪيا ويا آهن پر هن وقت ڪا به خبر ناهي پئجي سگهي، عدالت کي ٻڌايو ويو آهي ته واٽس ايپ ڪال ٽريس ناهي ٿيندي ان ڪري هو نه لڀي سگهيو. آءِ جي سنڌ چيو ته سنڌ پوليس جي ڪمانڊر جي حيثيت سان چوان ٿو ته سنڌ پوليس هڪ بينر هيٺان گڏ آهي جتي به پوليس زيادتي ڪئي ته اهڙن آفيسرن خلاف ڪارروائي ٿيندي، سکر ۽ ڪراچي پوليس آفيسرن جي خلاف ڪيس به داخل آهن ۽ جيڪڏهن رائو انوار جي خلاف ڪا ٻي شڪايت به آئي ته جاچ ضرور ٿيندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀارت جي اتر رياستن ۾ تيز مينهن تباهي ڪري ڇڏي، 25 ڄڻا فوت

نئين دهلي(ويب ڊيسڪ) ڀارت جي اتر رياستن ۾ تيز مينهن تباهي مچائي ڇڏي جنهن جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے