25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

ملڪ جي سياسي صورتحال سان چين جي اعتماد کي ڌڪ رسيو آهي: مولانا فضل الرحمان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) جي يو آءِ (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته ملڪ جي سياسي صورتحال سان چين جي اعتماد کي ڌڪ رسيو آهي، هڪ ٻئي تي گند اڇلائڻ واري سياست کي عالمي ترجيحن جي ڪري ڏٺو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلام آباد م هڪ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ادارن سان تڪرار ۾ ملڪ جي تباهي آهي، سوال اهو آهي ته ڇا ادارا هميشه پارليامينٽ جي خلاف استعمال ٿيندا. فيصلن مان هڪ جهڙائي واري بوءِ نه اچڻ گهرجي. هن چيو ته پارليامينٽ هجي، يا ڪو ٻيو ادارو، سڀني کي پنهنجي آئيني حد ۾ رهڻ گهرجي، فيصلن سان عداوت جي بوءِ نه اچڻ گهرجي. هتي ڪنهن اداري جي خلاف تجزيو ڏيو، توهان کي غدار چيو ويندو آهي. ڇا هميشه سياستدانن جي تذليل ڪئي ويندي. هن وڌيڪ چيو ته هن وقت پرڏيهي محاذ تي ڪيترائي چيلينج سامهون آهن. اڄ آمريڪا ڀارت سان گڏ آهي، اسان سان ناهي، اڄ آمريڪا ڀارت جي ذريعي چين کي ڪائونٽرڪرڻ چاهي ٿو. افغانستان ڀارت جي لابي ۾ آهي. انهن حالتن ۾پاڪستان کي سوچي سمجهي قدم کڻڻ گهرجي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گڏيل قومن کي مداخلت جو ڪو حق ناهي: ميانمار فوجي سربراهه

نائپيدا (ويب ڊيسڪ) ميانمار فوج جي سربراهه چيو آهي ته گڏيل قومن جي اسان جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے