24 آچر , جون 2018

اهو قبول نٿو ڪري سگهجي ته رڳو هڪ شخص زينب قتل ڪيس ۾ ملوث هو: اعتزاز احسن

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيٽر اعتزاز احسن چيو آهي ته سڄي قوم زينب ڪيس ۾ گرفتار هڪ شخص ۽ سندس سزا کي قبول ڪيو، ان ڪيس ۾ رڳو هڪ شخص ملوث هو اهو مڃڻ لاءِ تيار ناهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن سينيٽ اجلاس ۾ خطاب ڪندي ڪيو، هن چيو ته جوابدار عمران کي گرفتار ڪري ٻين ماڻهن جي ملوث هئڻ تي مٽي وڌي وئي، ڳچ آبادي ۾ 8 ٻارڙين سان رڳو هڪ شخص زيادتي جون وارداتون نٿو ڪري سگهي.  هن چيو ته زينب ڪيس ۾ رڳو عمران جوابدار ناهي، ٿي سگهي ٿو ڪو گروپ ملوث هجي، آئون فقط ڪنهن هڪ شخص جي ملوث هئڻ کي نٿو مڃان، پنجاب جي وڏي وزير جوابدار عمران جي گرفتاري تي جشن ملهايو، قوم ڏٺو ته شهباز شريف گرفتاري تي واڌايون پيش ڪري رهيو هو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

The Tehreek-e-Insaf (PTI) leader Shah Mehmood Qureshi showed his asset

تحريڪ انصاف اڳواڻ شاهه محمود قريشي به ڪروڙ پتي نڪتو

ملتان ( ويب ڊيسڪ ) تحريڪ انصاف اڳواڻ شاهه محمود قريشي به ڪروڙ پتي نڪتو، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے