23 ڇنڇر , جون 2018

پارليامينٽ ۽ ٻين فورمن تي ججن جي ڪارڪردگي تي بحث ڪيو وڃي: وزير اعظم جي هدايت

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم شاهد خاقان عباسي جي صدارت هيٺ پاڪستان مسلم ليگ ن جي پارلياماني پارٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ وزير اعظم هدايت ڪئي ته پارليامينٽ ۽ ٻين فورمن تي ججن جي ڪارڪردگي تي بحث ڪيو ويندو. اجلاس ۾ وزير اعظم چيو ته هر آئيني ادارو پنهنجي حدن ۾ ڪم ڪري، چونڊيل نمائندن کي چور چيو ويندو آهي، حڪومتي فيصلن کي رد ڪيو ويندو آهي جيڪا سٺي روايت ناهي، اسان کي پارليامينٽ جي وقار کي محفوظ ڪرڻو آهي. ذريعن موجب ن ليگ جي پارلياماني پارٽي جي اجلاس ۾ اعليٰ عدليه ۽ جعجن بابت پاليسي تبديل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ وزير اعظم هدايت ڪئي ته ججن جي ڪارڪردگي کي پارليامينٽ ۽ ٻين فورمن ۾ بحث هيٺ آندو ويندو. پارلياماني پارٽي جي ميمبرن وزير اعظم جي ان اعلان جي ڀرپور حمايت ڪئي جڏهن ته اجلاس ۾ ان ڳالهه تي به اتفاق ڪيو ويو ته مسلم ليگ ن طرفان صبر واري پاليسي جو غلط فائدو کنيو پيو وڃي، ائين پيو لڳي ڄڻ مسلم ليگ ن ۽ سندس قيادت کي ڄاڻي واڻي نشانو بڻايو پيو وڃي.  ذريعن موجب ن ليگ  جي پارلياماني پارٽي اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جي نظريي جي حمايت جو فيصلو ڪندي سندس قيادت تي ڀرپور اعتماد جو اظهار ڪيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

فٽبال ورلڊ ڪپ: ايراني عورتن کي ميچ ڏسڻ جي آزادي ملي وئي، نئين تاريخ رقم

تهران(ويب ڊيسڪ) ايران جي فٽبال ٽيم اربع جي رات اسپين جي هٿان شڪست کاڌي پر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے