26 اربع , سيپٽمبر 2018

عمران خان جي شادي تي ن ليگي اڳواڻن جا تبصرا

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي ٽئين شادي تي حڪمران پارٽي جي اڳواڻن دلچسپ تبصرا ڪيا. سپريم ڪورٽ ٻاهران مملڪتي وزير طلال چوڌري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته عمران خان ڪرڪيٽر آهي هو هر شئي جو ري پلي ڪندو آهي، مون کي لڳي ٿو ته شادي پهرين ئي ٿيل هئي ۽ هاڻ ري پلي ٿيو آهي. صحافي سوال ڪيو ته ڇا عمران خان پنهنجي زال کي سلامي ۾ پهرين عورت جو ٽائيٽل ڏيندو؟ جنهن جي جواب ۾ طلال چوڌري چيو ته منهنجي خيال ۾ اهو سندس قسمت ۾ ناهي، خبر ناهي هاڻ اها شادي وزير اعظم بڻجڻ لاءِ آهي يا گهر وسائڻ لاءِ، عمر جي حساب سان شادي ڪافي پراڻي ٿي لڳي. هوڏانهن ن ليگ اڳواڻ راڻا تنوير چيو ته عمران خان جون شاديون ۽ سياست ٻئي ناڪام رهيا جڏهن ته دانيال عزيز چيو ته جنهن کي رنڌڻو هلائڻ جي فڪر آهي ان ويچاري کي ملڪ هلائڻو پوندو. ٻئي پاسي مملڪي وزير مريم اورنگزيب چيو ته  الله تعاليٰ عمران کي شادي سان گڏ سڪون به ڏئي.  قانون واري وزير راڻا ثناءُ الله عمران خان کي شادي جو واڌايون ڏيندي چيو ته شادي ته پهرين ئي ٿي چڪي هئي ڪالهه ته رڳو اعلان ٿيو. عمران خان مفتي سعيد کي نڪاح پڙهائڻ لاءِ رکيو آهي،  عمران خان پنهنجي وليمي ۾ مون کي نه وساري.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀارت جي اتر رياستن ۾ تيز مينهن تباهي ڪري ڇڏي، 25 ڄڻا فوت

نئين دهلي(ويب ڊيسڪ) ڀارت جي اتر رياستن ۾ تيز مينهن تباهي مچائي ڇڏي جنهن جي …

هڪ تبصرو

  1. ماشاء الله… جمهوريه اسلاميه ۾ ڪڏهن به زنا ۽ عياشيء تي تبصرا ناهن ٿيندا ليڪن شادين(اسلامي قانونن) تي تبصرا پيا ڪياوڃن… جيئي جيئي پاڪستان

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے