24 آچر , جون 2018

نيشنل هاءِ وي جي اڳوڻي چيئرمين جو 24 ارب رپين جي ڪرپشن تي گهيرو تنگ

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) قومي احتساب بيورو ڪراچي کان لاهور موٽروي عبدالحڪيم سيڪشن جي ٺيڪ ۾ 24 ارب رپين جي مبينا ڪرپشن جي انڪشاف تي نيشنل هاءِ وي جي اڳوڻي چيئرمين شاهد اشرف تارڙ کي نوٽيس جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.  شاهد اشرف تارڙ تي الزام هنيو آهي ته هن آگسٽ 2015ع ۾ 230 ارب ڊگهي ڪراچي تان لاهور موٽروي جو 134 ارب جو ٺيڪو 148 ارب رپين تائين وڌايو. نيب جي هڪ ذميوار موجب پاڪ چين اقتصادي راهداري سي پيڪ منصوبي ايم فور  ۾ غير معمولي بي ضابطگين جي انڪشاف تي جاچ جو عمل شروع ڪيو ويو آهي. هن ٻڌايو ته نيب اين ايڇ اي جي اڳوڻي چيئرمين جي طلبي جو نوٽيس جاري ڪندي جيڪو ورلڊ بئنڪ ۾ پاڪستان طرفان چيف ايگزيڪيوٽو جا فرض ٽن سالن کان ادا ڪري رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته ٽرانسپرنسي انٽرنيشنل جي درخواست تي نيب شاهد اشرف تارڙ خلاف انڪوائري جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Order of special seals related to lost people and action against all requests

گم ٿيل ماڻهن بابت خاص سيل قائم ڪرڻ ۽ سمورين درخواستن تي ڪارروائي جو حڪم

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ گم ٿيل ماڻهن بابت خاصل سيل قائم ڪرڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے