25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

رائو انوار ضروري آهي!

وسعت الله خان

گذريل هفتي پاڪستان جي معتبر انگريزي اخبار ڊان ۾ هڪ مفصل تحقيقي رپورٽ شايع ٿي، جنهن کي پڙهي، اندازو ٿيو ته هڪ پوليس رينڪر ترقي ڪندي لينڊ مافيا جي ڪرنگهي جي هڏي پوليس مقابلن جو بادشاهه ۽ سياست جو اسپيشلسٽ بمبار ايس ايس پي رائو ڪيئن ٿو بڻجي وڃي.

اها رپورٽ پڙهڻ کانپوءِ مان غلط يا صحيح، ان اندازي تي پهتو آهيان ته موجوده نظام رائو انور جي ٽيڪ تي بيٺل آهي، اسان سڀ رائو انوارن، انهن جي تخليقڪارن ۽ هدايتڪارن جي دنيا جا زندهه يا مڙدهه آهيون.

هن نظام لاءِ جيڪو جيترو مفيد رائو انوار ان جو انعام ۽ زندگي اوتري ئي وڌيڪ، انهن مان جيڪو رستي ۾ ٿڪجي پئي يا ناڪارا ٿي وڃي، تنهن کي ٽشو پيپر بڻايو ويندو آهي ۽ وري ٻئي ٽشو سان هٿ صاف ڪندي اهو ئي هٿ هڪ ٻئي رائو انور جي پٺيءَ تي اچي ويندو آهي.

جي وڏي ڪنيوس ۾ ڏٺو وڃي ته رائو انواريت کي آمريڪا هڪ آرٽ بڻائي ڇڏيو، اسرائيل،سعودي عرب، مصر جو عابد باڪسر، چوڌري اسلم ۽ رائو انوار ناهن ته ٻيو ڇاهن؟

ڪالهوڪي ڳالهه آهي جو آءِ جي رضا شاهه پهلوي ايس ايس پي ضياءُ الحق ۽ ايس ايڇ او صدام حسين هن زمين جي ڪراچي ( وچ اوڀر ۽ اولهه ايشيا ) وفاداراڻي نموني سرعام ڪَم نڪرڻ تي هٿ جي ميرَ وانگر ڌوتا ويا.

ڀارت  ڪالهه تائين سوويت يونين جو ايس ايس پي هو. اڄ آمريڪا ان جي رڪارڊ جي بنياد تي ملازمت برقرار رکندي ڏکڻ ايشيا جو ڊي آءِ جي مقرر ڪري ڇڏيو آهي. ڀارت جي بيچ ميٽ پاڪستان ترقيءَ جي ڊوڙ ۾ نظرانداز ٿيڻ تي پنهنجي بدلي چين ڪرائي ڇڏي آهي ۽ ايران روس جي ريجنل پوليس ٽريننگ اڪيڊمي جي ڪمانڊنٽ بڻجي ويو آهي. انهن علائقائي رائو انوارن مٿين جا ڪم ڪندي ڪندي پنهنجا ڪم به سڌا ڪري رکيا آهن.

انهن مقامي رائو انوارن جا پنهنجا پنهنجا بارودي يا ساده ڊيٿ اسڪواڊز، مليشيائون ۽ مخبر آهن. پنهنجا پنهنجا سائبرو ، مذهبي، ميڊيائي برگيڊز ، سيف هائوسز، اقتصادي ۽ سياسي فرنٽ مين ۽ ڪمپنيون آهن، جيڪي صاحبن جي به ڪمن اچن ٿا ۽ جنرل آرڊر سپلائيرز به آهن.

منهنجو اشارو ڪنهن مخصوص سياسي ۽ مذهبي اڳواڻ، پارٽي وزير، قومي ۽ صوبائي اسيمبليءَ جي ميمبر، عالم استاد، بندش پيل تنظيم، علائقائي نظرياتي نسلي گروهه، ڪنهن هڪ حساس اداري، بينڪر، واپاري، بلڊر، اسٽاڪ ايڪسچينج جي دلال اخبار، صحافي، چينل، ويب سائيٽ، قانوني ماهر يا ڪج وغيره ڏانهن هرگز ناهي.

پراڪسيءَ جو جي ويجهو ترجمو ممڪن آهي ته اهو رائو انواريت آهي، ڪو هڪ ادارويا ڍانچو يا سوچ، جنهن ۾ رائو انوار نه هجي يا هو ڪنهن رائو انوار جي ڳولا ۾ نه هجي، رائور انوار ضرورت آهي. ڇا ضرورت کي به ڪڏهن سزا آئي آهي؟

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ جي نياڻين جو درد، حوصلو ۽ جاکوڙ…!

ڪامران چانڊيو سنڌ جون اهي نياڻيون جيڪي پيرين اگھاڙين سنڌ جي روڊن تي، پنهنجن پيارن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے