23 ڇنڇر , جون 2018

سنڌ حڪومت جي درياهه دلي ۽ سنڌ جي مادري ٻولين سان سلوڪُ

مسلم ميراڻي

سنڌ حڪومت جي درياهه دلي ۽ ڪرپشن جا مثال پوري ملڪ ۾ مشهور آهن. سنڌ حڪومت سنڌ جي ثقافت کي ترقي ڏيارڻ جي لاءِ رات ڏينهن جدوجهد ۾‌ مصروف آهي، چاهي اهو لنڊن جي صوفي فيسٽيول هجي يا وري سنڌ فيسٽيول هجي، جنهن سنڌ جي تاريخي ورثي موهن جي دڙي جي تاريخي ورثي تي به جلسي جا ڪلا کوڙي ڇڏيا يا وري سنڌ ۾ رچايل راڳ رنگ جون محفلون هجن، جنهن ۾ سياسي رنگ گهڻو نظر ايندو آهي.  سنڌ حڪومت جي ثقافت واري کاتي ان لاءِ ته اهو به مشهور آهي ته اهو دوستي ياريءَ ۾ پاڪستان جي مشهور ۽ گهڻا پئسا وٺڻ وارن فنڪارن کي ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائيندو آهي ته جيئن سنڌ حڪومت جي درياهه دليءَ جي واهه واهه ٿي وڃي. پر اصل ۾ سنڌ جي حقيقي فنڪارن، تحقيق دانن، اديبن، دانشورن، شاعرن ۽ ليکڪن سان سنڌ جي ثقافتي کاتي جي لڳي ئي ڪونه. سنڌ جو نامور دانشور، اديب، ليکڪ ۽ سياستدان ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي جي وفات جي موقعي تي پاڪستان پيپلز پارٽي جي اوپا۾ فريال ٽالپر، اسپيڪر سنڌ اسيمبلي آغا سراج دراني اهو اعلان ڪيو هيو ته حڪومت سنڌ ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ جي سماڌي ۽ يادگار لاڙڪاڻي جي جناح باغ ۽ موهين،پجم ڪي دڙي تي‌ ٺهرائيندي، پر سالن جي سال ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ جون ارٿيون ان انتظار ۾ رهيون. گهڻا ئي دفعا سنـڌ حڪومت جي وزيرن، مشيرن کي يادگيرو ڪرايو ويو پر سنڌ حڪومت اعلان ڪري گم ٿي وئي. هاڻي ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي جي سماڌي، پبلڪ هال ۽ لائبريري ان جي اباڻي ڳوٺ ٻنديءَ ۾‌ ڳوٺ وارن ۽ ڪامريڊ سان پيار ڪندڙن جي سهڪار سان تيار ٿي رهي آهي پر سنڌ حڪومت اڃا تائين ننڊ ۾‌ ستل آهي. ٻئي طرف سنڌ حڪومت جي درياهه دلي ۽ شاهه خرچيون پوري ملڪ ۾ جاري ۽ ساري آهن. اها ساڳي ئي سنڌ حڪومت آهي جنهن وٽ ڪامريڊ سوڀي جي يادگار لاءِ ته پئسا ڪونه آهن پر اسلام آباد جي پريس ڪلب کي هڪ ڪروڙ رپين جي امداد ساليانو ڏيندي آهي ۽ ان کان علاوه اها ساڳي سنڌ حڪومت آهي جيڪا اسلام آباد ۽ لاهور ۽ ملڪ جي ٻين شهرن ۾ شاهه ۽ ان جي وفادارن کي خوش ڪرڻ جي لاءِ راڳ رنگ جي محفلن کي مچائڻ جي لاءِ سالاني ڪروڙين رپيا خرچ ڪندي رهي آهي. ڏٺو وڃي ته اهي سمورا پئسا رڳو ان ڪري خرچ ٿي رهيا آهن ته پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي اڳواڻن، وزيرن ۽ مشيرن جا دوست يار خوش ٿين. باقي سنڌ  حڪومت کي ڪوبه سروڪار نه ئي سنڌ جي ثقافت سان نه ئي وري سنڌي زبانن سان رڳو پاڪستان پيپلز پارٽيءَ کي ته سنڌين جو ووٽ کپي جيڪو انهن کي ملي رهيو آهي.

عوام کي اهو به ياد رکڻ کپي ته سنڌ حڪومت جن پئسن ته درياءَ دلي ڪري رهي اهي پئسا نه انهن جي پارٽي فنڊ  آهي نه ئي وري انهن وزيرن، مشيرن جي ذاتي مال ملڪيت آهي، اهو سمورو پئسو سنڌ جي عوام جو آهي جنهن تي سنڌ حڪومت مسلسل عياشي، ڦرلٽ ۽ نذر نياز ۾ مصروف آهي. جنهن جو تازو مثال پيش آهي. سنڌ حڪومت جي مالي تعاون سان گڏ لوڪ ورثه ۽ هڪ اين جو او (ايس پي او) جي سهڪار سان اسلام آباد ۾ قائم انڊس ڪلچرل فورم تنظيم (پاڪستاني زباني هماري پهچان) جي عنوان سان ٻه روزا پاڪستان جي مادري زبانن جي حوالي سان ميلو منعقد ڪرايو، جنهن جو مقصد هيو ته ماءُ ٻولين جو ڏهاڙو ملهائڻ ۽ پاڪستان جي علائقائي زبانن، ماءُ ٻولين کي تحفط ۽ ترقي ڏيارڻ. مادري زبانن جي ان ميلي ۾ شريڪ ڪجهه ماڻهن جو خيال هيو ته اها انڊس ڪلچرل فورم اهو ميلو ڪرائي اسلام آباد وارن کي تفريع جو سٺو موقعو مُهيا ڪيو آهي. پر ڪجهه ماڻهن جو اهو خيال هيو ته هر سال سنڌ حڪومت جي خرچ تي اهو ميلو اسلام آباد ۾ ٿيندو رهيو آهي ۽ هر سال ان ادبي ميلي ۾ ساڳيا ئي اديب، دانشور ۽ ليکڪ ايندا رهن ٿا جيڪي سنڌ حڪومت جي هر پروگرام ۾ نظر ايندا آهن. رڳو ثقافت جي نالي تي نمائش ڪئي پئي وڃي. ياد رهي ته ان ٻه روزا زبانن جي ميلو جيڪو ماءُ ٻولين جي تحفظ ۽ ترقي وٺهرائن جي نالي تي هر سال سنڌ حڪومت جي مالي تعاون ۽ ٻين ادارن جي سهڪار سان ڪوٺرايو وڃي ٿو، ان ۾ سنڌ جي لسانيت جي ماهرن جي شديد کوٽ  نظر آئي. سنڌ ۾‌ڳالهائيندڙ اهي مادري زبانون جنهن جي وجود کي شديد خطرو آهي جيئن ڊاٽڪي، اوڏڪي وغيره ان ميلي ۾‌انهن مادري زبانن جي حوالي سان ڪو به تبصرو موجود نه هيو ۽ ئي انهن ٻولين جي نمائندن کي ان ميلي ۾ گهرايو ويو هيو ته اهي اچي پهنجي ماءُ ٻولين لي درپيش مسئلن تي پهنجي راءِ ڏين ته انهن جي ماءُ ٻولين کي ڪيئن بچايو وڃي.

ياد رهي ته ان ميلي ۾ سنڌ سميت پاڪستان مان شاعرن، اديبن  ۽ سماجي ورڪرن کي سنڌ حڪومت جي خرچ تي گهرايو ويو هيو پر سنڌ سان لاڳاپيل ڪو به اهڙو دانشور، اديب، استاد ۽ تحقيق دان موجود نه هيو جنهن لسانيت ۾ ڪا ڊگري حاصل ڪئي هجي يا وري اهو لسانيت تي تحقيقي ڪم جي حوالي سان  ڃاتو سڃاتو وڃي. ياد رهي ته لسانيت هڪ الڳ سبجيڪٽ آهي جيڪو رڳو زبانن جي حوالي هوندو آهي. لسانيت جي عنوان ۽ سنڌ جي مادري زبانن تي جيڪو ڪم سراج الحق ميمڻ، ڊاڪٽر محبت ٻرڙي، ايم ايڇ پنهور ۽ ڊاڪٽر الهداد ٻوهيي صاحب ڪيو آهي شايد ئي ڪنهن ٻئي تحقيق دان ڪيو هجي. پر ڪيڏي نه وڏي افسوس جي ڳالهه آهي ته ان ٻه روزا ماءُ ٻولين جي ميلي ۾ انهن سنڌ جي دانشورن جي لسانيت جي حوالي سان ڪيل تحقيق جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه جي لاءِ ڪو سيشن به نه رکيو ويو هيو نه ئي وري  سنڌ ۾ لسانيت تي ڪيل ڪم تي وڌيڪ تحقيق ڪرڻ‌ جي حوالي سان ڪا ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. اهو سموري ميلو آدم شماري، سنڌي، سرائيڪي، پشتو، بلوچي، بروهي، شينا، بلتي وغيرهه وغيرهه جي لوڪ ادب ۽ شاعري تائين محدود رهيو.

ياد رهي ته شمالي علائقن ۾ ڳالهائي ويندڙ ٻولين جي نالن کي جڏهن 2017ع ۾ ٿيندڙ آدم شماريءَ ۾ شامل نه ڪيو هيو. ان ڪري اتر علائقن وارا  اهي ماڻهو پهنجن ٻولين جي وجود کي خطرو سمجهن لڳا ۽ اهو عدالت سميت ميڊيا تي پهنجو ڪيس وڙهڻ شروع ٿي ويا هيا ۽ هاڻي به سنڌ حڪومت جي مال تي ڪوٺايل ميلي ۾ به اهي ماڻهو پهنجي زبانن جي جياپي جي جنگ وڙهندي نظر آيا. پر سنڌ ۾ ڳالهائي ويندڙ مادري زبانن جنهن جي وجود کي حقيقت ۾ شديد خطرو آهي ان جي اسان کي ڪابه پرواهه نه آهي نه ئي ان ميلي ۾ گهرايل دانشورن اديبن کي انهن ٻولين جي مستقبل جي ڪا پوري خبر هئي يا وري ڪنهن وٽ ڪا تحقيق موجود هئي. سنڌ ڌرتيءَ  تي گهڻا ئي تحيق دان موجود آهن، جيڪي لسانيت تي بي لوث ڪم ڪري رهيا آهن جيڪڏهن انهن کي اسلام آباد ۾ مادري زبانن جي ان ميلي ۾ گهرايو وڃي ها ته اها پڪ آهي ته اهي ضرور ان ميلي ۾ شريڪ ٿين ها ۽ يقينن سنڌ جي‌ شديد خطري ۾ گهريل مادري زبانن کي بچائڻ جي لاءِ ڪو لائحه عمل ضرور پيش ڪن ها.  قائد اعظم يونيورسٽي جو اڳوڻو چيئرمين ۽ لسانيت جي ماهر ڊاڪٽر احسن واگها جو ان ميلي جي حوالي سان چوڻ هيو ته ڪو وقت هيو جڏهن پرڏيهي ۽ ڏيهي ادارا پبلڪ هيلٿ تي ايڊ ڏئي مالي امداد ڪندا هيا ان کانپوءِ سياست ۽ سوشل ورڪ تي ايڊ شروع ٿي وئي هئي ۽ هاڻي زبانن کي بچائڻ جي لاءِ مال ملي رهيو آهي. ڊاڪٽر احسن واگها جي مطابق ته توهان ڪڏهن به ايڊ حاصل ڪري ثقافت ۽ زبانن جو تحفظ يا وري ترقي نه ٿا ڏياري سگهو ڇو جو سياسي شعور يا وري مادري زبانن سان محبت پئسن تي خريد ڪري نه ٿي سگهجي.

سنڌ جي نامور اديب ۽ تحقيق دان ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ ۽ لسانيت جي ماهر ڊاڪٽر احسن واگها رابطو ڪرڻ تي اها تجويز ڏني ته جن زبانن جي وجود کي شديد خطرو لاحق آهي انهن جي لاءِ سنڌ حڪومت کي کپي ته اها انهن زبانن ۾ ڪتاب ۽ رسالا ڇپرائي ماڻهن ۾ مفت ورهائي ڪو عملي ڪم جي شروعات ڪري ڇوجو اهڙن عملي ڪمن سان ئي اسان شديد خطري ۾ ورتل زبانن جي وجود کي بچائي سگهون ٿا باقي انهن ميلن وارن ڊارمن مان ڪجهه به حاصل ڪونه ٿيندو. ڊاڪٽر احسن واگها اهو به چوڻ ته سنڌ ۾ لسانيت جا گهڻا ئي ماهر ته ڪم ڪري رهيا آهن پر ڪتاب ڇپرائڻ جي لاءِ گهڻا پئسا درڪار هوندا آهن جيڪي اهڙن ماڻهن وٽ نه هوندا آهن جيڪي ڌرتيءَ ۽ زبان جي خدمت ڪندا آهن ۽ نه ئي وري اهڙن سچن ماڻهن کي انهن سرڪاري ميلن ۾ گهرايو ويندو آهي ڇو جو ايئن نه ٿي جو اهو سچ ڳالهائي حڪومت جي خوشامدين جا پٽڪا ڌوڙ ڪري ڇڏن. ان ڪري هر دور ۾ اهڙن ماڻهن کي نظر انداز ڪيو ويندو آهي. سنڌ جي لسانيت تي تحقيق دان ڊاڪٽر الطاف جوکيي سان جڏهن رابطو ڪيو ويو ته ان ٻڌايو ته سنڌي زبان جي مختلف لهجن تي سائنسي بنيادن تي ڪم ڪرڻ جي اشد ضرورت آهي تڏهن ئي اسان سنڌ ۾ ڳالهائيندڙ ماءُ ٻوليون بچائي سگهون ٿا. سنڌي زبان جي تحفظ ۽ ترقي جي لاءِ قائم ڪيل ادارا جيڪڏهن شيطان جي ناني، ڪوهه ڪاف جو جن ۽ شاعري ۽ مسخريءَ وارا ڪتاب ڇپرائيندي ته پوءِ توهان اندازو لڳائي سگهون ٿا ته پوءِ سنڌ ۾ ماءُ ٻولين جي ڪهڙي صورتحال هوندي. ڊاڪٽر جوکيي جو وڌيڪ چوڻ هيو ته هتي ڪوبه  ٻوليءَ تي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ئي نه آهي ۽ جيڪڏهن ڪو لسانيت تي ڪم ڪرڻ‌ چاهي ٿو ته ان کي ڪم ڪرڻ نٿو ڏنو وڃي ٿو.

ياد رهي ته ان ميلي ۾‌ هڪ طرف ته سنڌ حڪومت جي مالي مدد ورتي وئي هئي ۽ ڪهي آيل دانشور اديب ۽ ليکڪن کي ججهو خرچ پکو ڏئي ڪري اسلام آباد ۾ گهرايو ويو ۽ وفاقي اداري لوڪ ورثه جي سهڪار سان اهو ميلو لوڪ ورثه ۾‌منعقد ٿيو. پر مزي جي اها ڳالهه آهي ته اهي سرڪاري خرچ تي آيل دانشور ملڪ جي سياسي پارٽين پاڪستان پيپلز پارٽي، پاڪستان مسلم ليگ ن ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف کي تنقيد جو نشانو بڻائيندا رهيا ته پارليامينٽيرين اهو سوچن ٿا ته  جيڪڏهن علائقائي زبانن کي قومي درجو ڏنو ويندو ته وفاقيت ڪمزور ٿيندي ان ڪري سياستدان نا اهل آهن ۽ اهي علائقائي زبانن کي اهميت ڏيڻ ۾ ڪڏهن به سنجيده  ڪونه ٿيندا. ڏٺو وڃي ته ملڪ ۾ زبانن جي تحفظ ۽ ترقي جي لاءِ قائم ادارا ته موجود آهن پر اهي پاڪستان جي زبانن کي تحفظ ۽ ترقي مُهيا ڪرڻ ۾ مڪمل طرح ناڪام ويا آهن. ان ڪري ثقافت ۽ مادري زبانن جي نالي تي مالي اشتهاري نمائش ميلن جي صورت ۾ جاري آهي جنهن سان اسان ڪڏهن به مادري زبانن کي نه تحفظ مُهيا ڪري سگهون ٿا نه وري ڪا ترقي ڏياري سگهجي ٿي جيڪڏهن واقعي اسان ماءُ ٻولين کي تحفظ ۽ ترقي ڏيارڻ چاهيون ٿا ته پوءِ  اها مالي اشتهار بازي بند ڪري عملي ڪم ڪرڻ جي ضروت پوندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس جو تارو سنڌ کي روشن ڪري سگهندو ؟

ماهم سنڌي پاڪستان ۾ هر دفعي ٿيندڙ اليڪشن وڏي پيماني تي تبديليون آڻيندو آهي ، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے