21 اڱارو , آگسٽ 2018

روس ۾ چرچ ٻاهران فائرنگ، 5 عورتون قتل

ماسڪو (ويب ڊيسڪ) روس جي ڏاکڻي علائقي ۾ هڪ چرچ ٻاهران فائرنگ جي نتيجي ۾ 5 عورتون مارجي ويون آهن، جڏهن ته پوليس جي جوابي ڪارروائي ۾ حملو ڪندڙ به ماريو ويو. رپورٽن موجب واقعو روس جي وفاقي جمهوريا داغستان جي تخت گاهه قزليار ۾ هڪ چرچ ٻاهران پيش آيو. اکين ڏٺن شاهدن جو چوڻ آهي ته هٿياربند شخص چرچ کان ٻاهر ايندڙ ماڻهن کي نشانو بڻايو. هڪ عورت ٻڌايو ته چرچ ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهو موجود هئا، جن ۾ عورتن ۽ ٻارن جو انگ وڌيڪ هو، خدا جو شڪر آهي ته حملي آور چرچ جي اندر داخل نه ٿي سگهيو. عورت موجب حملو ڪندڙ ڀڄڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو پر سيڪيورٽي اهلڪارن کيس ماري ڇڏيو. حملو ڪندڙ سان فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ٻه سيڪيورٽي اهلڪار زخمي پڻ ٿيا.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

گستاخ خاڪن واري معاملي تي پاڪستان جو هالينڊ سان سخت احتجاج

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) هالينڊ ۾ گستاخانه خاڪن جي مقابلي واري معاملي تي پاڪستان هالينڊ جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے