18 ڇنڇر , آگسٽ 2018

آرٽيڪل 62 ۽ 63 کي ججن ۽ جنرلن تي به لاڳو ڪرڻ گهرجي: سراج الحق

گجرات( ويب ڊيسڪ ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته آرٽيڪل 62 ۽ 63 ختم ڪرڻ جو خيال دل مان ڪڍي ججن، جرنيلن ۽ سرڪاري آفيسرن تي به لاڳو ڪرڻ گهرجي. گجرات ۾ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي گاڏيءَ جي پروٽوڪول  جي ٽڪر ۾ فو ت ٿيل ٻارڙي حامد جي ٽيجهي جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي سراج الحق چيو ته معاشري ۾ وي آءِ پي پروٽوڪول وڌي رهيو آهي، غريبن کي ڪو به پڇڻ وارو ناهي. هن چيو ته ڪنهن به غريب ماڻهو جي رت جي ڪابه قيمت ناهي، وزيراعظم جي اسڪواڊ ۾ شامل گاڏي پهريون ٻارڙي کي چيڀاٽيو پوءِ کيس تڙپندو ڇڏي اڳتي نڪري وئي ڇا اها بي حسي ناهي. سندس چوڻ هو ته نواز شريف جي قافلي ۾ وڏا وڏا چور به شامل هئا، اهي ماڻهو هاڻي آرٽيڪل 62 ۽ 63 ختم ڪرڻ چاهين ٿا پر هاڻي ايئن ٿيڻ نه ڏنو ويندو ۽ رنڊڪ بڻجندا، جڏهن ته ٻين پارٽين کي ان مسئلي تي متفق ڪيو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نوجوت سنگهه سڌو جنرل قمر جاويد باجوه جو مداح بڻجي ويو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ڀارت جو اڳوڻو ڪرڪيٽر نوجوت سنگهه سڌو هڪ ملاقات …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے