23 ڇنڇر , جون 2018

نواز شريف جنرل جيلاني ۽ ڀٽو ايوب جي پيداوار آهي، جمهوريت جو حقيقي اسٽيڪ هولڊر مان آهيان: عمران خان

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان چيو آهي ته فوجي سان ملي ڀڳت ڪري اقتدار حاصل ڪرڻ جون ڳالهيون علط آهن. بي بي سي کي انٽرويو ڏيندي عمران خان چيو ته مان نه ڪڏهن پهريون ايئن ڪيو آهي ۽ نه وري هاڻي ڪڏهن فوج سان ملي ڀڳت ڪري اقتدار حاصل ڪرڻ جي خواهش آهي. هن چيو ته اهڙا ڪيترائي ڀيرا آيو ته مان ملڪ ۾ ڏڦيڙ جو سبب بڻجي پئي سگهيس پر رڳو ان خدشي جي ڪري پوئتي هٽي ويس ته ڪٿي فوج نه اچي وڃي. سندس چوڻ هو ته جمهوريت جو مون کان وڌيڪ پاڪستان ۾ اسٽيڪ هولڊر ڪير آهي، نواز شريف جنرل جيلاني ذريعي سياست ۾ آيو، ڀٽو  ته ننڍو هو جو کيس ايوب خان مٿي آندو. عمران خان چيو ته مان 21 سال جدوجهد ڪئي آهي جنهن بعد هن مقام تي پهتو آهيان. هن چيو ته  مان 21 جدوجهد ڪئي آهي، ڇا ان لاءِ ڪئي آهي ته فوج کي اقتدار ۾ آڻيان؟ سندس چوڻ هو ته تحريڪ انصاف وٽ ايڏي وڏي اسٽريٽ پاور آهي تنهن ڪري جيڪڏهن مان چاهيان ته ڪنهن به وقت ملڪ ۾  ڏڦيڙا پيدا ڪري سگهان ٿو پر مان ايئن نه ڪيو.  عمران خان چيو ته جيڪو ماڻهو آزاد چونڊن لاءِ جدوجهد ڪري ٿو اهو ڪيئن چاهيندو ته فوج اقتدار ۾ اچي وڃي. هن چيو ته چونڊن جي سياست ۾ سياسي خاندانن کي گڏ ملائڻ ضروري آهي. سندس چوڻ هو ته هڪ هزار تڪن تي چونڊ وڙهڻي آهي، سمورن تڪن لاءِ نوان ماڻهو آڻڻ ممڪن ناهي. عمران خان چيو ته مان روايتي سياست جي مخالفت ڪندو آهيان پر روايتي سياست جو مخالف نه آهيان.سماجي رابطن جي ويب سائيٽ تي عمران خان چيو ته وزيراعظم ۽ ڪجهه وزيرن جي بدديانتي حيرت جوڳي آهي ۽ ماڻهن لاءِ به حيرت جوڳي ڳالهه آهي جيڪي پئسن لاءِ سندن لالچ کان واقف آهي. هن چيو ته اسان جي ملڪ جي مافيا يو اي اي ۾ اقاما حاصل ڪيا آهن ڇو ته اهو ڀڄڻ جو سولو رستو آهي. سندس چوڻ هو ته يو اي اي جي مرڪزي بئنڪ کاتيدارن ۽ اقامو رکندڙن جا تفصيل ڏيڻ جي پابند ناهي پر عالمي معاهدي تحت يو اي اي جي مرڪزي بئنڪ پرڏيهين جي اڪائونٽ جا تفصيل ڏيڻ جي پابند ناهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

فٽبال ورلڊ ڪپ: ايراني عورتن کي ميچ ڏسڻ جي آزادي ملي وئي، نئين تاريخ رقم

تهران(ويب ڊيسڪ) ايران جي فٽبال ٽيم اربع جي رات اسپين جي هٿان شڪست کاڌي پر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے