18 اربع , جولاءِ 2018

اسرائيل گوڏا کوڙي ڇڏيا، بيت المقدس تان ميٽل ڊيٽيڪٽرز هٽائڻ جو اعلان

يروشلم( ويب ڊيسڪ ) اسرائيل يروشلم ۾ مسلمانن ۽ يهودين جي مقدس هنڌ بيت المقدس جي انٽري پوائنٽس تي ميٽل ڊيٽيڪٽرز هٽائي جهڙتي لاءِ گهٽ رنڊڪ پيدا ڪندڙ جديد اوزار استعمال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. فلسطيني شهرين جي مظاهرن کانپوءِ اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو بيت المقدس جي سيڪيورٽي انتظامن تي اڄ راءِ وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته سڪيورٽي ڪابينا معائنو ڪرڻ لاءِ ميٽل ڊيٽيڪٽرز بدران جديد ٽيڪنالوجي جا ٻيا ذريعا استعمال ڪرڻ لاءِ سمورين سڪيورٽي ادارن جي سفارشن کي منظور ڪري ٿي. گڏيل قومن جي سفير سلامتي ڪائونسل جي اجلاس کانپوءِ چيو ته تازي ڇڪتاڻ جو حل ايندڙ جمعي تائين ڪڍيو وڃي، جيڪڏهن جمعي تي عبادت جو دور بنا ڪنهن حل جي گذري ويو ته زميني صورتحال وڌيڪ خراب ٿيندي. هن چيو ته ڪنهن کي به نه سمجهڻ گهرجي ته اهي مقامي نوعيت جا واقعا آهن، حقيقت ۾ شايد اهو ڪجهه سئو مڪعب ميٽر تي آهي پر اهو دنيا جي اربين نه ته لکين ماڻهن کي ضرور متاثر ڪري رهيا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

بلاول کي مسئلن جي ڪهڙي خبر، زرداري به جلد اڊيالا ويندو: عمران خان

جيڪب آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان چيو آهي ته آصف زرداري ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے