23 آچر , سيپٽمبر 2018

آمريڪي خلا باز آرمسٽرانگ جي تاريخي ٿيلهي نيلامي

واشنگٽن( ويب ڊيسڪ ) آمريڪي خلا باز نيل آرمسٽرانگ چنڊ تي پهچي پهريون ڀيرو خاڪ جا نمونا جمع ڪرڻ ۽ زمين تي آڻڻ لاءِ جيڪا بيگ استعمال ڪئي اها نيويارڪ ۾ هڪ نيلاميءَ ۾ 18 لک ڊالرن ۾ وڪرو ٿي آهي. ڪنهن به قسم جي آلودگي کان محفوظ رکندڙ ان بيگ جو تعلق 1969ع جي اپولو 11 خلائي مشن سان آهي جنهن کي سوتبي جي نيلام گهر مان هڪ گمنام شخص خريد ڪيو. اڇي رنگ جي ان بيگ ۾ چنڊ تان آندل ننڍيون ننڍيون پٿريون ۽ ڌوڙ اڃا به ساڳي نموني موجود آهي. اپولو مشن 11 مان رڳو اها ئي هڪ بيگ هڪ ذاتي شخص جي ملڪيت ۾ هئي ۽ ان حوالي سان عدالت ۾ هڪ ڪيس به هليو ته ان جو اصل مالڪ ڪير آهي ۽ عدالتي فيصلي کانپوءِ ئي ان جي نيلامي ٿي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گڏيل قومون اسرائيلي ڌمڪين جو نوٽيس وٺن: ايران

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران گڏيل قومن ۽ سيڪيورٽي ڪائونسل کان مطالبو ڪيو آهي ته اسرائيلي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے