23 ڇنڇر , جون 2018

عمران خان شهباز شريف جي نااهلي لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائي ڇڏي

 لاهور ( ويب ڊيسڪ ) تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف جي نااهلي لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائي ڇڏي آهي. عمران خان طرفان داخل ڪيل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته شهباز شريف نواز شريف کي 6 ارب رپين جا تحفا ڏنا. هن چيو ته  شهباز شريف 6 ارب رپين جو ڪنهن به مني ٽريل ۾ ذڪر ئي نه ڪيو آهي. سندس چوڻ هو ته شهباز شريف خانداني شگر ملز لاءِ به اثر رسوخ استعمال ڪيو. عمران خان موقف اختيار ڪيو ته شهباز شريف عوامي عهدو رکڻ سان گڏ ذاتي ڪاروبار سان نه ڳنڍيل رهيو آهي. عمران خان طرفان داخل ڪيل درخواست ۾ شهباز شريف ۽ اليڪشن ڪميشن کي ڌر بڻايو ويو آهي جنهن تي ٻڌڻي سڀاڻي ٿيندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

فٽبال ورلڊ ڪپ: ايراني عورتن کي ميچ ڏسڻ جي آزادي ملي وئي، نئين تاريخ رقم

تهران(ويب ڊيسڪ) ايران جي فٽبال ٽيم اربع جي رات اسپين جي هٿان شڪست کاڌي پر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے