15 اربع , آگسٽ 2018

پاڪستان جا دوست ملڪ اقتصادي راهداري کان خوش آهن: شهباز شريف

Shahbaz Sharifلاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان جا دوست ملڪ اقتصادي راهداري کان خوش آهن، منصوبي سان پاڪستان سميت خطي ۾ خوشحالي ايندي.  لاهور ۾ ريلوي واري وفاقي وزير سعد رفيق پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف سان ملاقات ڪئي.  ان موقعي تي شهباز شريف چيو ته اقتصادي راهداري ۾ ٻين ملڪن جي شامل ٿيڻ خواهش سٺو سنوڻ آهي.  سندس چوڻ هو ته اقتصادي راهداري منصوبي سان پاڪستان سميت خطي ۾ خوشحالي ايندي. هن چيو ته ترقياتي منصوبن کي شفاقيت کي يقيني بڻائڻ سبب هاڻ ڪو به سندن خلاف آڱر نه ٿو کڻي سگهي.  پنجاب جي وڏي وزير چيو ته ڪجهه ماڻهن ڌرڻن ۽ احتجاجن جي ذريعي ملڪ جي ترقي کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي پر باشعور عوام ان کي ناڪام بڻايو.  سندس چوڻ هو ته نواز ليگ عوام سان ڪيل واعدن کي پاڙي رهي آهي، عوامي خوشحالي لاءِ هو جدوجهد جاري رکندا.  شهباز شريف چيو ته اقتصادي راهداري منصوبي سان واپار ۽ سيڙپڪاري جون نيون راهون کلنديون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان کي مديني جهڙي رياست بڻائينداسين: سراج الحق

لاهور(ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته پاڪستان کي مديني جهڙي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے